Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَيْتُ سُنَّتَ الْاِعْتِڪَاف جي معني آهي: مون سُنَّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ نيت دِل جي ارادي کي چئبو آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضِري نصيب ٿئي، هر ڀيرو ياد ڪري دِل ۾ ارادو رکي عربي، سنڌي يا ڪنهن به زبان ۾ اعتڪاف جي نيت ڪرڻ گھرجي! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره شرعاً جائِز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪنداسين ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا۔

درود شريف جي فضيلت

حضرت شيخ اَبُو الحسن شَعۡراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت مَنۡصُور بن عمّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي مون وفات کان بعد خواب ۾ ڏسي پڇيو: مَافَعَلَ اللهُ بِکَ يعني الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ جواب ڏنائين: منهنجي رَبِّ ڪريم مون کي فرمايو: تون مَنصُور بن عَمَّار آهين؟ مون عرض ڪيو: هائو، يارَبَّ العالمين! پوءِ فرمايائون: تون ئي آهين جيڪو ماڻهن کي دُنيا کان بي رغبتي جي ترغيب ڏين ٿو ۽ پاڻ دُنيا جي طرف راغِب (يعني مائِل) آهين؟ مون عرض ڪيو: ياالله پاڪ! واقعي ڳالھ ته اها ئي آهي پر جڏهن به مون ڪنهن اجتماع ۾ بيان شروع ڪيو ته پهريان تنهنجي حمد ۽ ثنا ڪئي، ان کان بعد تنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درودِ پاڪ پڙھيو، پوءِ ان کان بعد تنهنجي ٻانهن کي وَعظ و