Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي فضيلت

حضرت عَلَّامه محمد بن اَحمد قُرطُبِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: هڪ ڀيري حضرت امام حَسَن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ هڪ عورت حاضِر ٿي عرض ڪيائين: منهنجي جوان نياڻي فوت ٿي وئي آهي، مان خواب جي ذريعي ان جو حال ڄاڻڻ چاهيان ٿي، ڪو عَمَل ٻڌايو! امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي عمل ٻڌايو۔ عورت گھر هلي وئي، جيڪو ڪجھ ٻڌايو ويو هو، ان تي عَمَل ڪيائين ته ان خواب ۾ پنهنجي ڌيء کي ڏسي ته ورتو  پر اهڙي حالت ۾ ڏٺائين جو ان جي بدن تي تارڪول (Asphalt يعني ڏامَر جيڪو روڊ بنائڻ ۾ ڪم ايندو آهي، ان) جو لباس آهي، گردن ۾ زنجير ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون آهن، هي ڀوائتو منظر ڏسي اها عورت ڊڄي وئي، ٻئي ڏينهن ٻيهر حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ حاضِر ٿي پنهنجو خواب ٻُڌايو۔ حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فوت ٿيل ڇوڪريء جي حالت ٻُڌي ڏاڍو غمگين ٿيو۔ ڪجھ عرصي کان بعد حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خواب ۾ هڪ ڇوڪريء کي ڏٺو، جيڪا جنّت ۾ هڪ تخت تي پنهنجي مٿي تي تاج سجائي ويٺل آهي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڏسي اها چوڻ لڳي: مان انهيء عورت جي ڌيء آهيان، جنهن اوهان کي منهنجي حالت ٻڌائي هئي۔ امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: ان توهان کي عذاب ۾ ڏٺو هو، هي انقلاب ڪهڙي طرح آيو؟ مرحُومَه چيو: قبرستان جي ويجهو کان هڪ شخص گذريو، ان مُصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درودِ پاڪ موڪليو، ان جي درود شريف پڙهڻ جي برڪت سان الله پاڪ اسان 560 قبر وارن تان عذاب کڻي ورتو۔([1])    


 

 



[1]...اَلتَّذْکِرَہ ، جز :1،صفحہ:68۔