Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

اوهان پهريان خليفه نه آهيو جن کي موت ايندو (يعني اوهان کان پهريان به ڪيئي بادشاھ گذري چڪا آهن)۔ هي ٻُڌي حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روئڻ لڳا، پوءِ فرمايائون: اڃا نصيحت ڪريو! حضرت يزيد رقّاشي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه چيو: اوهان کان وٺي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام تائين اوهان جا جيترا پيء ڏاڏا ٿيا، انهن مان ڪو هڪ به هاڻي زندھ نه آهي۔ حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وري رنا ۽ فرمايائون: اڃا نصيحت ڪيو! حضرت يزيد رقّاشي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه چيو: جنّت ۽ دوزخ جي وچ ۾ ڪا منزل نه آهي (يعني اسان جو ٺڪاڻو يا ته جهنّم آهي يا جنّت آهي، هن کان علاوھ ٻي ڪا جڳھ نه آهي)۔ هي ڳالھ ٻُڌي حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي خوفِ خُدا گھڻو غالِب آيو ۽ پاڻ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا۔([1])

اي عاشقانِ رسول! ڏسو! ڪيڏو خوفِ خُدا آهي۔ حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خليفه هئا، پاڻ وٽ حڪومت هئي، تخت ۽ تاج هو، اختيار هو، هي اهي شيون آهن جيڪي عام طور ماڻهن کي سرڪش بڻائن ٿيون، حڪومت، عهدو، اختيار مِلي وڃن ته ماڻهو گُنَاهن تي دلير ٿي ويندا آهن پر حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خليفه بڻجڻ کان پهريان به متقي هئا، خليفه بڻجڻ کان بعد به متقي ئي رهيا، پاڻ پنهنجي دورِ حڪومت ۾ ظلم نه ڪيائون، ماڻهن جا حق نه ڦٻايا، بلڪه عدل ۽ انصاف قائِم ڪيائون، ڇو؟ ان ڪري جو حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دِل ۾ تمام گھڻو خوفِ خُدا موجود هو۔

خوفِ خُدا ڪيئن حاصل ٿيندو؟

معلوم ٿيو گُنَاهن کان بچڻ ۽ تقويٰ حاصِل ڪرڻ جي لاءِ خوفِ خُدا گھڻو ضروري آهي۔ الله پاڪ اسان کي به خوفِ خُدا جي نعمت نصيب فرمائي۔ خوفِ خُدا حاصِل ڪرڻ جي لاءِ * تلاوتِ قرآن جو معمول بڻايو وڃي، خاص ڪري اهي آيتون جن ۾ الله پاڪ جي عذاب جو، جهنّم جو، قيامت جو ذِڪر آهي،


 

 



[1]...تنبیہ المغترین، صفحہ:49ملتقطاً۔