Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
اُنهن آيتن جو ترجمو ۽ تفسير پڙھي ذِهن ۾ ويهاري خوب توجھ سان هر هر انهن آيتن جي تلاوت ڪئي وڃي * حديثن ۾ خوفِ خُدا جو بيان آهي، اهڙيون حديثون پڙهيون وڃن * خوفِ خُدا تي مشتمل ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي * خوفِ خُدا رکڻ وارن بزرگ سڳورن جي سيرت پڙھي وڃي *جدول بڻائي روزانو يا گهٽ مان گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو قبرستان جي حاضِري ڏني وڃي، اتي فاتحه شريف به پڙھي وڃي، ٻيو هي ته هن ڳالھ تي غور به ڪيو وڃي ته عنقريب مون کي به قبر ۾ اچڻو آهي، ان وقت منهنجي بيوسي جو عالَم ڇا هوندو؟ پوءِ قبر جي مُعَاملات تي غور به ڪيو وڃي۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! خوفِ خُدا جي دولت نصيب ٿيندي۔
مرے اشک بہتے رہیں کاش ہر دَم ترے خوف سے یاخُدا یااِلٰہی!
ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھر تھر رہوں کانپتا یااِلٰہی!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عنۡه تقويٰ وارن جون 4 وصفون ٻڌايون آهن، انهن مان ٻي وَصف آهي: اَلْعَمَلُ بِالتَّنْزِیْلِ يعني قرآنِ ڪريم تي عَمَل ڪرڻ۔
هي به تمام اَهم ۽ انتهائي ضروري وَصف آهي، اڄڪلھ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پاڻ کي وڏو پرهيز گار، صُوفي باصَفَا ۽ خبر ناهي ڇا ڇا ظاهر ڪن ٿا پر حقيقت ۾ جاهل هوندا آهن، قرآنِ ڪريم سمجھڻ، ان تي عَمَل ڪرڻ ته رهيو پري، انهن کي دُرست پڙھڻ به ناهي ايندو، سُنّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بلڪل جاهل هوندا آهن ۽ پاڻ کي وڏو صُوفي ظاهر ڪري ماڻهن کي گمراه ڪندا آهن۔ پرهيزگارن جي امام حضرت جنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان جو ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم) تمام ڪتابن جو سردار آهي، اسان جي شريعت سڀ کان واضِح شريعت آهي ۽ اسان (يعني پرهيزگارن) جو طريقو ڪتاب ۽ سُنّت