Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

مصطفيٰ آهي * قناعت صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو طريقو آهي *قناعت اولياءِ ڪرام جو طريقو آهي * قناعت اختيار ڪرڻ وارو الله پاڪ جو محبوب آهي * قناعت سان الله پاڪ جي رضا ملي ٿي * قناعت جي برڪت سان قبر و حشر ۾ آساني نصيب ٿيندي آهي * ۽ قناعت جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔

ضرورت سے زیادہ مال و دولت کا نہیں طالِب

رہے بَس آپکی نظرِ عنایت یارسولَ اللہ

رہیں سب شاد گھر والے شہا! تھوڑی سی روزی پر

عطا ہو دولتِ صبر و قناعت یارسُولَ اللہ

(4) آخرت جي تياري

پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي چوٿين خليفي اَمِيرُ المُؤمنين موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عنۡه پرهيزگارن جي چوٿين وَصف هي ٻڌائي: اَلْاِسْتِعْدَادُ لِیَوْمِ الرَّحِیْل يعني هن دُنيا مان لاڏاڻي ڪرڻ واري ڏينهن جي تياري ڪرڻ.

ڊڄو! موت جي ڏينهن کان...!!

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اتَّقُوْا یَوْمًا تُرْجَعُوْنَ فِیْهِ اِلَى اللّٰهِۗ- (پاره:3،سورۂ بقرۃ:281)   

ترجمو ڪنزُ العِرفان: ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ توهان الله جي طرف موٽايا ويندؤ۔

یاد رکھ ہر آن آخر موت ہے       بَن تُو مت انجان آخرت موت ہے

مرتے جاتے ہیں ہزاروں آدمی     عاقِل و نادان آخر موت ہے

بارہا عِلمی تجھے سمجھا چکے         مان یا مت مان آخر موت ہے