Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
اسلامي ڀائرو! هي عبرت جي ڳالھ آهي، اسان هن دُنيا ۾ گھڻو ڪجھ ڪيون ٿا * وڏيون وڏيون ڊگريون به حاصِل ڪيون ٿا * نوڪري * ڪاروبار * ڪمائڻ، کائڻ * وڏا وڏا منصوبا بنائڻ * گھر، بنگلو، عاليشان محل *اعليٰ کان اعليٰ منصب جي لاءِ ڀڄ ڊڪ وغيره گھڻو ڪجھ ڪيون ٿا پر سوچڻ جي ڳالھ آهي، ڇا اسان ان ڏينهن جي لاءِ تياري ڪريون ٿا جنهن ڏينهن سڀ ڪجھ هتي ئي ڇڏي انڌيري قبر ۾ لهڻو آهي، افسوس! اهو ڪيتري بيوسي وارو ڏينهن هوندو، ڪيتري بي وسي هوندي، جڏهن حضرت عزرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ايندا، اسان جا عزيز رشتيدار، اولاد، جان کان وڌيڪ پيار ڪرڻ وارا، اسان جا پيارا دوست، اسان جو مال، بينڪ بيلنس وغيره ڪجھ به ڪم نه ايندو، عزيز بيٺا ڏسندا رهجي ويندا، مَلَڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام رُوح قبض ڪري وٺندو ۽ ڪو ڪجھ نه ڪري سگھندو۔ پوءِ اسان کي غسل ڏئي، ڪفن پارائي انڌيري قبر ۾ لاٿو ويندو، پوءِ اسان هونداسين ۽ اسان جا عمل هوندا، هن جي علاوھ ڪجھ به اسان سان گڏ نه ويندو۔ غور جو مقام آهي! اسان هن دُنيا ۾ ٿورو ئي وقت گذارڻو آهي، اهو به ڪيترو آهي؟ اسان کي خبر ناهي، ٿي سگھي ٿو ته هاڻي ساھ به کڻڻ جو موقعو نه ملي سگھي۔ ان جي باوُجُود اسان جيترو هن دُنيا جي لاءِ ڪيون ٿا؟ چلو ايترو نه سهي هن کان اڌ ئي، ڇا اسان قبر جي لاءِ تياري ڪريون ٿا؟ شايد نٿا ڪريون۔
اسان جا اسلاف (يعني الله پاڪ جا نيڪ ٻانها جيڪي متقي هئا، پرهيز گار هئا) انهن کي بَس قبر ۽ آخرت بابت فِڪر رهندو هو ۽ اهي هر وقت موت جي تياري ۾ ئي مَصْرُوف رهندا هئا۔ * خواجه سِرِّي سَقطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 98 سال دُنيا ۾ رهيا، سڪرات جي وقت کان علاوه ڪنهن کين ڪڏهن ليٽندي نه ڏٺو، هميشه عبادت ڪندا هئا *محمد جريري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ سال مڪي پاڪ ۾ رهيا، نه ستا، نه پُٺي سڌي ڪيائون، نه پير ڊگهيڙي ويٺا، فجر نماز پڙھي ذِڪرُ الله شروع ڪندا هئا، ظهر جو وقت ٿي ويندو هو، ظهر کان بعد وري ذِڪرِ اِلٰهي ۾ مَصرُوف ٿيندا هئا،