Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

ڪاش! اسان به نصيحت وٺون

پيارا اسلامي ڀائرو! غور جو مقام آهي، صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جون ادائون ڪيتريون پياريون آهن، هي پاڪيزه ماڻهو سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضِر ٿي نصيحت وٺندا هئا، پاڻ درخواست ڪندا هئا ته ”يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي نصيحت فرمايو!“ اڄ اسان جو حال ڇا آهي؟ اسان ڪنهن عالِمِ دين جي خدمت ۾ حاضِر ٿيون، الله وارن سان ملاقات جو شرف مِلي ته اسان ڇا ڪندا آهيون؟ سيلفي ڪڍندا آهيون،

الله پاڪ اسان کي هدايت نصيب ڪري۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْحِکْمَۃُ ضَالَّۃُ الْمُؤْمِنِ حڪمت مسلمان جو گم ٿيل خزانو آهي.([1]) ڇا اوهان ڪڏهن اهڙو شخص ڏٺو آهي جو ان جي ڪا گھڻي قيمتي شيء وڃائجي وڃي ۽ هو ماڻهن سان سيلفيون ڪڍرائيندو هجي؟ نه ڏٺو هوندو، ايئن ٿيندو به  ناهي، جنهن جي ڪا قيمتي شيء گم ٿي وڃي، ان جي چهري جو رنگ مَٽجي ويندو آهي، هو هيڏانهن هوڏانهن ڳولها ڪندو رهندو آهي، ماڻهن کان پنهنجي قيمتي شيء بابت پڇي رهيو هوندو آهي، اِعلان ڪرائيندو آهي: ڪنهن منهنجي فُلاڻي شيء ڏٺي هجي ته هن ايڊريس تي اطلاع ڪري۔

ٿورو غور ڪريو! حڪمت مسلمان جو گم ٿيل خزانو آهي، اسان کي ته گھرجي ته حڪمت ڀريون ڳالهيون سکڻ جي لاءِ بيقرار رهون، جڏهن جتي ڪو حڪمت ڀريون ڳالهيون ڪرڻ وارو ملي، ان سان سيلفي وٺڻ بدران، ان کان عِلم ۽ حڪمت جون ڳالهيون سکون، هٿ ٻڌي عرض ڪيون: سائين! مون کي نصيحت فرمايو! ڪاش! اسان اهڙا ٿي وڃون۔

زندگی ہو مری پروانے کی صُورت یارَبّ!     عِلْم کی شمع سے ہو مجھ کو محبت یارَبّ!

مرے اللہ! برائی سے بچانا مجھ کو         نیک جو راہ ہو، اُس راہ پہ چلانا مجھ کو


 

 



[1]...ابن ماجہ، کتاب الزہد، صفحہ:677، حدیث:4169 ۔