Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور فرمايو! الله رَبُّ العالمين آهي، الله پاڪ تمام جهانن جو پالڻهار آهي، الله پاڪ ٻانهن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ مهربان، رحم فرمائڻ وارو آهي، هو الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي تقويٰ جي وصيت فرمائي ٿو، جيڪڏهن ٻانهي جي لاءِ تقويٰ کان عِلاوه ڪا ٻي شيء وڌيڪ فائديمند، وڌيڪ ڀلائي واري هجي ها ته الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي ضرور ان جي تاڪيد فرمائي ها پر الله پاڪ تقويٰ اختيار ڪرڻ جي وصيت فرمائي، تمام اَوَّلِين ۽ آخرين کي پرهيزگاري ئي جو حڪم ڏنو، هن مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ وٽ ٻانهن جي خوبين ۾ سڀ کان اعليٰ خوبي پرهيزگاري ئي آهي۔

حرصِ دُنیا نکال دے دِل سے      بَس رہوں طالبِ رضا یارَبّ!

واسطہ میرے پیر و مرشد کا       مجھ کو تُو متّقی بنا یارَبّ!

پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پسنديده ڪير؟

  سڀني مسلمانن جي پياري اَمڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عنۡها فرمائن ٿيون: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا جي ڪنهن شيء مان خوش نه ٿيا ۽ متقي و پرهيز گار شخص کان سِواءِ ٻي ڪنهن کين خوش نه ڪيو۔([1])

مری عادتیں ہوں بہتر، بنوں سنّتوں کا پیکر    مجھے متقی بنانا مدنی مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...مسند امام احمد، مسند عائشۃ، جلد:10، صفحہ:112، حدیث:25132۔