Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

عزّت ساري جي ساري تقويٰ ۾ آهي

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْؕ- (پاره:26،سورۂ حجرات:13)

ترجمو ڪنزالعرفان:  بيشڪ الله وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي.

هن آيت مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عزت ۽ فضيلت جو مدار نسب نه آهي بلڪه پرهيزگاري آهي، لهٰذا هر مسلمان کي گھرجي ته هو نسب تي فخر ڪرڻ کان بچي ۽ تقويٰ و پرهيز گاري اختيار ڪري ته جيئن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ان کي عزت ۽ فضيلت نصيب ٿئي.([1])

هڪ عربي شاعِر چئي ٿو:

مَايَصْنَعُ الْعَبْدُ بِعِزِّ الْغِنيٰ                                                                                              وَالْعِزُّ کُلُّ الْعِزِّ لِلْمُتَّقِيْ

ترجمو: انسان مال ۽ دولت جي عزّت جو ڇا ڪندو، عزّت ته سڄي جو سڄي پرهيزگار جي لاءِ آهي۔

          پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪيتريون اعليٰ خُوبيون آهن * جيڪي الله پاڪ پرهيزگاري ۾ رکيون آهن * پرهيزگاري هر ڀلائي جي اَصل آهي * سڀني اڳوڻن ۽ بعد وارن کي پرهيزگاري ئي جي وصيت ڪئي وئي * پرهيزگار ئي آهي جنهن سان رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھڻا خُوش ٿين ٿا * پرهيزگاري ئي عزّت جو اَصل معيار آهي۔ اسان کي به گھرجي ته اهڙي عظيمُ الشّان دولت حاصِل ڪرڻ يعني پرهيزگاري اپنائڻ جي ڪوشش ڪريون۔


 

 



[1]...صراط الجنان، پارہ:26، سورۂ حجرات، تحت الآیۃ:13، جلد:9، صفحہ:447۔