Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درود شريف جي فضيلت

هڪ ڀيري جو ذِڪر آهي، مسلمانن جا چوٿيان خليفا حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪنهن هنڌ تشريف فرما هئا، کائن ڪجھ پري چند ڪافِر ويٺل هئا، هڪ فقير انهن ڪافرن وٽ اچي سوال ڪيو، انهن ڪافرن کي شرارت سُجھي ۽ انهن حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي طرف اشارو ڪري ان فقير کي چيو: انهن وٽ وڃو، اهو توهان کي ضرور ڪجھ ڏيندا۔ فقير کي ته مالِي مدد کپي پئي، ان ڪري هو حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه هي سڀ ڏسي رهيا هئا، پاڻ 10 ڀيرا درود پاڪ پڙھي ان فقير جي تِري تي ڦوڪ هڻي فرمايائون: مُٺي بند ڪيو ۽ جن ماڻهن توکي موڪليو آهي، اُنهن جي سامهون وڃي کولي ڇڏجان۔

(ڪافِر هي منظر ڏسي کلي رهيا هئا، ته خالي ڦوڪ هڻڻ سان ڇا ٿو ٿئي!) اهو فقير مُٺ بند ڪري انهن ڪافرن وٽ پهتو ۽ انهن جي سامهون اچي مُٺ کوليائين، هي ڇا، اهي ڪافِر جيڪي مذاق طور کلي رهيا هئا، اهي ڏسي حيران ٿي ويا ته خالي مُٺ جنهن تي حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه درود پاڪ پڙھي ڦوڪ هنئي هئي، ان ۾ هڪ دِينار (سون جو سڪو) موجود آهي۔ اَمِيرُ المُؤمِنِين موليٰ