Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

هڪ ڀيري حضرت مُطرف بن عبد الله رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ ويا، ان وقت حضرت مُطرف تي بيهوشي طاري هئي، حضرت ثابت بناني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڏٺو ته بيهوشي واري حالت ۾ حضرت مُطرف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مان نُور جون 3 شُعَائون بُلند ٿي رهيون آهن، هڪ مٿي وٽان، ٻي پيٽ وٽان ۽ ٽيئن پيرن واري پاسي کان۔ فرمائن ٿا: هي ڏسي اسان گھبرائجي وياسين، جڏهن پاڻ ڪجھ بهتر ٿيا ته اسان عرض ڪيو: اسان اوهان جي مٿي، پيٽ ۽ پيرن جي وٽان نُور جون شُعَائون بلند ٿيندي ڏٺيون آهن۔ حضرت مُطرف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: ڇا واقعي توهان ايئن ڏٺو آهي؟ عرض ڪيم: جي ها! ان تي حضرت مُطرف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: هي سورت حٰم السَّجده جي تلاوت جي برڪت آهي۔ هن سورت سڳوري جون 30 آيتون آهن، ابتدائي 10 آيتون مٿي وٽان، وچ واريون 10 آيتون، وچ وٽان ۽ آخر جون 10 آيتون پيراندي وٽان بلند ٿين ٿيون ۽ مون کي يقين آهي ته هي منهنجي شفاعت به ڪندي۔([1])

سورت ڪهف جي برڪت

سيفُ الدِّين بَلبَان جو بيان آهي ته مون قبرستان ۾ هڪ شخص ڏٺو، هو هڪ قبر وٽ ويهي روئي روئي تلاوت ڪري رهيو هو، مون روئڻ جو سبب پڇيو ته ان چيو: هي منهنجي دوست جي قبر آهي، ان منهنجي اکين جي سامهون تلاوت ڪندي ساھ ڏنو هو، تدفين کان بعد مون ان کي خواب ۾ ڏٺو، ان مون کي ٻڌايو ته جڏهن توهان سڀئي مون کي قبر ۾ رکي موٽي ويا ته هڪ غضبناڪ ڪتّو مون ڏانهن وڌيو، قريب هو جو هو مون تي حملو ڪري ها پر هڪ انتهائي خوبصورت ۽ پاڪيزه بزرگ اتي آيا ۽ ڪتي کي اتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ مون وٽ ويهي رهيا، ان جي صحبت سان مون کي تمام گھڻو سڪون مليو، مون ان کان پڇيو: اوهان ڪير آهيو؟ فرمايائون: توهان جمعي جي ڏينهن سورت ڪهف پڙھندا ها مان انهيء جو ثواب آهيان۔([2])


 

 



[1]... تاریخ دمشق، مطرف بن عبد اللہ، جلد:58، صفحہ:334۔

[2]... الدر الکامنۃ فی اعیان المائۃ الثامنۃ لابن حجر العسقلانی، جلد:5، صفحہ:352۔