Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي فضيلت

الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: جنهن ڪتاب ۾ مون تي درودِ پاڪ لکيو ته جيستائن منهنجو نالو ان ڪتاب ۾ لکيل هوندو، فرشتا لکڻ واري جي لاءِ  بخشش جي دعا ڪندا رهندا. ([1])

عجب کرم ہے کہ خود مُجْرِمُوں کے حامی                                                                                                                 گناہگاروں کی بخشش کرانے آئے ہیں

                                                وہ پرچہ جس میں لکھا تھا درود اس نے کبھی                                          یہ اس سے نیکیاں اس کی بڑھانے آئے ہیں([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيّت اَفضل ترين عمل آهي. ([3]) اي عاشقانِ رسول! هر ڪم کان پهريان سٺيون سٺيون نيّتون ڪرڻ جي عادت بڻايو ڇو ته چڱي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ پورو بيان ٻڌندس * ادب سان ويهندس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ پورو بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.


 

 



[1]...معجم اَوْسط، جلد:1، صفحہ:497، حدیث:1835۔

[2]... سامانِ بخشش، صفحہ:93-94 ملتقطاً۔

[3]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔