Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

سان حاجت پُوري ٿي ويندي۔([1]) عالم سڳورا فرمائن ٿا: 100 ڀيرا سورت فاتحه پڙھي جيڪا به دُعا گھري وڃي، قبول ٿيندي آهي۔

دُعائون قبول ٿيڻ جو وظيفو

سُبْحٰن الله! ڪيترو آسان حل آهي...! ڪا مشڪل هجي، پريشاني هجي، تنگدستي هجي، ڪا پريشاني اچي، ڪا حاجت درپيش هجي، سورت فاتحه پڙھو، دُعائون گھرو! اِنْ شَاءَ الله الْڪَرِيْم! الله پاڪ ڪرم فرمائيندو ۽ مشڪل، پريشاني، تنگدستي ختم ٿي ويندي۔

نظرِ بَد کان حفاظت جو وظيفو

صحابيء رسول حضرت عمران بن حُصَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن گھر ۾ سورت فاتحه ۽ آيةُ الڪرسي پڙھي وڃي، ان گھر ۾ ان ڏينهن ڪنهن جِنّ يا ڪنهن انسان جي بُري نظر نه ايندي۔([2])

سورت فاتحه 1 ٽهائي قرآن جي برابر آهي

حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡهما کان روايت آهي، الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن سورت فاتحه ۽ سورت اِخلاص پڙھي، ان ڄڻ هڪ ٽهائي قرآنِ مجيد جي تلاوت ڪئي۔([3]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: سورت فاتحه 2 ٽهائي قرآنِ مجيد جي برابر آهي۔([4])

سمهڻ کان پهريان سورت فاتحه پڙهڻ جي فضيلت

حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم


 

 



[1]...تفسیر در منثور، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:17۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:360، حدیث:5830۔

[3]...معجم اوسط، جلد:3، صفحہ:281، حدیث:4594۔

[4]...جامع صغیر، صفحہ:360، حدیث:5828۔