Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

ڪري، اها دعا ڪهڙي آهي؟ ارشاد فرمايائون: قُلْ حِينَ تُصْبِحُ يعني اي زيد! صبح جي وقت هي چوندو ڪر! لَبَّيْكَ اَللّٰهُمَّ لَبَّيْكَ وَسَعْدَيْكَ وَالْخَيْرُ فِي يَدَيْكَ يعني مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان، توکان سعادت جو سوال ڪريان ٿو، تمام ڀلايون تنهنجي دستِ قدرت ۾ آهن.[1]

ڏسو! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جن هر روز لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي.

معلوم ٿيو لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ پڙهڻ صرف حج ۽ عمري سان خاص ناهي، بلڪه ٻانهي کي گهرجي ته روزانو محبتِ الهيءَ ۾ ڀرپور ٿي ڪري پنهنجي ربّ رَحمٰن ۽ رحيم جي بارگاھ ۾ عرض ڪري: لَبَّيْكَ اَللّٰهُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان،

لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ جي معنٰي

حضرت علامه ابن رَجَبۡ حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: هي جيڪو جملو آهي: لَبَّيْكَ اَللّٰهُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان، هن ۾ لفظ لَبَّيْكَ ٻه ڀيرا آيو آهي ۽ عربيءَ جو قاعدو آهي ته جڏهن لفظ تڪرار سان  آندو وڃي، يعني هڪ لفظ ٻه ڀيرا پڙهيو وڃي ته ان ۾ تڪرار جي معنٰي پيدا ٿي ويندي آهي، مطلب هي ته جڏهن ٻانهو چوندو آهي: لَبَّيْكَ اَللّٰهُمَّ لَبَّيْكَ ته هن جي معنٰي صرف هيءَ ناهي هوندي ته اي الله! مان هڪ ڀيرو حاضر آهيان يا صرف اڄ حاضر آهيان بلڪه ان جي معنٰي آهي: اي الله پاڪ! جڏهن جڏهن تنهنجو حڪم ٿئي، تڏهن تڏهن مان حاضر آهيان، هميشه حاضر آهيان، ڪنهن هڪ وقت به مان تنهنجي حڪم کان پوئتي نه هٽندُس.[2]


 

 



[1] مسندِ احمد ،مسند الانصار ،جلد:9 ، صفحہ:26 ،حدیث:22290

[2] شرح حدیثِ  لبیک اللہم لبیک،صفحہ:23۔