Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

علامه ابن رَجَبۡ حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: جڏهن ٻانهو روزانو صبح جي وقت هي چئي: لَبَّيْكَ اَللّٰهُمَّ لَبَّيْكَ (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان) ته ان جو مطلب هي ٿيندو: اي الله پاڪ! مون صبح هن حال ۾ ڪئي آهي جو مان تنهنجي دعوت کي قبول ڪرڻ وارو آهيان، تو جنهن ڳالھ جو حڪم ڏنو مان ان تي عمل ڪرڻ وارو آهيان، تو جنهن ڳالھ کان منع فرمايو مان ان کان رڪجڻ وارو آهيان، مان تنهنجي اطاعت تي قائم آهيان، تنهنجي حڪم جي طرف جلدي ڪرڻ وارو آهيان. بس جڏهن ٻانهو پنهنجي زبان سان هيءُ چوندو، ته هاڻي ان تي لازم آهي ته پنهنجي عمل سان هن جي مطابق هلي ته جيئن ان جي زبان ۽ ان جو ڪردار هڪ جهڙو ٿي وڃي.[1]

مجھے اپنی رحمت سے تُو اپنا کرلے               سوا تیرے سب سے کنارا کروں میں[2]

الله پاڪ جا احڪام ۽ مؤمن ٻانهي جو ردِّ عمل

اي عاشقانِ رسول! هاڻي غور ڪريو...! سرورِ عالَم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ  جن اسان کي تعليم ڏني ته روزانو ٻانهو پنهنجي ربَّ جي بارگاھ ۾ شوق ۽ ذوق سان اقرار ڪري: (يعني اي الله! مان تنهنجي هر هر حڪم تي مٿو جهڪايان ٿو)، اسان غور ڪريون! الله پاڪ اسان کي ڪنهن ڪنهن ڳالھ جو حڪم ڏنو آهي؟ ربّ فرمائي ٿو:

اَقِیْمُوا الصَّلٰوةَ   (سيپارو:1،سورة بقرۃ:43)

ترجمو ڪنزالعرفان: نماز قائم ڪيو

هاڻي اسان کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ  مان حاضر آهيان، اي الله مان حاضر آهيان.

الله پاڪ فرمائي ٿو:

اٰتُوا الزَّكٰوةَ   (سيپارو:1،سورة  بقرۃ:43)

ترجمو ڪنز العرفان: زڪوٰة ادا ڪريو


 

 



[1] شرح حدیثِ  لبیک اللہم لبیک،صفحہ:26

[2] سامانِ بخشش، صفحہ:150