Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

احڪام آهن، مان سڀني تي مٿو جهڪايان ٿو، تو جيترين ڳالهين کان منع ڪيو آهي انهن سڀني کي مڃان ٿو.

الله پاڪ! اسان کي تعليمِ مصطفٰي جي مطابق روزانو صبح جو هي دعا پڙهڻ ۽ صحيح معنٰي ۾ ان جي تقاضن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی!                   گُناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت               ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

عملي طور ربَّ جي حضور مٿو جهڪائڻ جون برڪتون

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان جو ربّ آهي، ان اسان کي پيدا ڪيو آهي، زندگي عطا ڪئي، اسان ڏسندا آهيون ته ان جي عطا ڪيل اک سان ڏسندا آهيون، ٻڌندا آهيون ته ان جي عطا ڪيل ڪنن سان ٻڌندا آهيون، پڪڙيندا آهيون ته ان جي عطا ڪيل هٿن سان پڪڙيندا آهيون، ان ئي ساھ جي نعمت عطا ڪئي، ان ئي هلڻ جي طاقت بخشي، ان ئي اسان جي لاءِ زمين جو فرش وڇايو، ان ئي نيري آسمان جي ڇت بڻائي، اسان جو ربّ رحمٰن ۽ رحيم ئي آهي جو اسان جي لاءِ مينهن وسائيندو آهي، ٻج مان وڻ بڻائيندو ۽ اسان کي ميوو عطا فرمائيندو آهي، ان ئي اسان کي هزارين، لکين، ڪروڙين بلڪه ايتريون نعمتون عطا فرمايون آهن جو اسان ڳڻپ ڪرڻ به چاهيون ته نه ٿا ڳڻي سگهون.

اندازو ڪريو! جنهن ربّ ڪريم بنا گهرڻ جي اسان کي ايترو ڪجھ عطا فرمايو آهي، جڏهن اسان ان ربِّ رحمٰن جي احڪامن جي اڳيان مٿو جهڪائينداسين ته هو مهربان ربّ اسان تي ڪهڙيون ڪهڙيون نوازشون فرمائيندو.

اڏامڻ واري ديڳ جو عجيب واقعو

حضرت بِڪربن عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اڳي ماڻهن ۾ هڪ بادشاھ هو، جيڪو غيرمسلم به هو ۽ تمام وڏو ظالم به هو، ان دور جا جيڪي ايمان وارا