Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

مبارڪ ٻڌو هجي، الله اکبر، الله اکبر جون صدائون ٻڌيون هجن، لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ جو مبارڪ آواز ٻڌو هجي، جيڪو پيدائش کان وٺي هن وقت تائين آهي ئي مسلمان، جڏهن اهو چوندو: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان، اي الله! مون ڪڏهن به شرڪ ناهي ڪيو پر مان تنهجي هر حڪم کي مڃڻ جي لاءِ تيار آهيان ته ان کي ربّ ڪريم ڪهڙا ڪهڙا انعامَ عطا فرمائيندو.

ربَّ جي رضا جي لاءِ حڪومت ڇڏي ڏني

  حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي توبھ جو واقعو نهايت خوبصورت آهي، حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اميرزاده هئا، ڪجھ روايتن مطابق پاڻ بلخ جا شھزادا ھُيا هڪ ڀيري پنهنجي محل جي ويجهو ئي ڪٿي تشريف فرما هئا. هڪ شخص آيو ۽ اهو محل جي اندر داخل ٿيڻ چاهي پيو ان کان پڇيو ويو: ڪيڏانھن وڃڻ چاهين ٿو؟ ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟ چوڻ لڳو: مان مسافر خاني ۾ آيو آهيان، رات گذارڻ چاهيان ٿو. ان کي چيو ويو: هي مسافر خانو ته ناهي هي ته شهزادي جو محل آهي، ان شخص چيو: ڀلا ٻڌايو ته هي ڪنهن جو محل آهي؟ چيو ويو: ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو، پڇيو ويو ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان پهريان هتي ڪير هو؟ چيو ويو ان جو والد، ان کان پهريان ڪير هو؟ ان جو والد، ان کان پهريان ڪير هو؟ ان جو والد، ته چيائين مسافر خانو ان کي ئي  ته چئبو آهي ته هڪ اچي هڪ هليو وڃي هي مسافر خانو ئي ته آهي ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڄي ڳالھ ٻڌي رهيا هئا هي ڳالھ ٻڌي ڪري سندن دل تي هڪ چوٽ لڳي، پاڻ ان شخص جي پويان پويان هلڻ لڳا ۽ پڇيائون: ڀاءَ توهان ڪير آهيو؟ ان شخص جواب ڏنو: مان خضر آهيان ۽ توهان کي توهان جي ربّ جي رستي تي هلائڻ آيو آهيان(يعني توهان هن ڪم جي لاءِ پيدا نه ٿيا آهيو، شهزادو بڻجي ڪري عيش ۽ آرام ۾ ربّ جي نافرمانين ۾، ربّ کان پري رهي ڪري زندگي گذارڻ جي لاءِ پيدا نه ٿيا آهيو، جنهن ڪم جي لاءِ پيدا ٿيا آهيو ان ڪم تي لڳائڻ جي لاءِ آيو آهيان.) حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو: ٺيڪ آهي مان توهان سان گڏ هلان ٿو، توهان جيڪو رستو ٻڌايو ٿا مان ان تي هلان ٿو پر منهنجا ڪجھ