Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

دنياوي ڪم آهن، مان شهزادو آهيان، مصروفيتون آهن، تمام گهڻا ڪم آهن، مان اهي ڪم پورا ڪري پوءِ اچان ٿو، حضرت خضر عليه السلام جن فرمايو: نه، جيڪو ڪم مان توهان کي چئي رهيو آهيان ان کان وڌيڪ جلدي وارو ڪو ڪم ناهي سڀ کان پهريان هي ڪم پوءِ ٻيا ڪم.

تا کارِ جہاں رَاسْت کُنِیْ دَیْر شَوَدْ

جيستائين توهان دنيا جا ڪم ختم ڪندؤ ان وقت تائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي تنهنڪري هاڻي هتان ئي هلو، بهرحال حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حضرت خضر عَلَيۡهِ االسّلام سان گڏ هلڻ لڳا، جهنگل جي طرف نڪري ويا رستي ۾ هڪ ڌَنار مليو پاڻ جيڪو شاهاڻو لباس پاتو هو اهو لاهي ڪري ان ڌنار کي ڏنائون ۽ ان جو لباس جيڪو ڦاٽل پراڻو هو پاڻ پائي ڪري جهنگل جي طرف هليا ويا.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي موقعو هو جڏهن حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عملي طور تي لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ چيو، يعني جنهن ڪم جي لاءِ انسان دنيا ۾ آيو آهي يعني ربّ جي عبادت ڪرڻ، نيڪيون ڪرڻ، آخرت جو فڪر ڪرڻ، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ڪرڻ، حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان ۾ مصروف ٿي ويا، هاڻي ڏسو...! حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عملي طور تي پنهنجي ربّ جي بارگاھ ۾ اقرار ڪيو: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ پاڻ هي زبان سان نه چيو، پنهنجي عمل سان ان ڳالھ جو اظهار ڪيو، ته مليو ڇا؟

مڇيون سونَ جون سُيون کڻي ڪري حاضر ٿيون

حضرت شيخ فريد الدّين عطار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه درياءِ دجله جي ڪناري ويهي پنهنجي لباس کي جيڪو ڪنهن جاءِ تان ڦاٽي پيو هو سُئيءَ سان سبڻ لڳا. هڪ شخص ڀرسان گذريو اهو حضرت


 

 



[1] سبع سنابل، صفحہ:221-222۔