Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

بيان ٻڌڻ جون نيتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.[1] لهٰذا پنهنجي حسبِ حال سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکنديس * سڄو بيان ٻڌنديس * اَدب سان ويهندس * تَوَجّهه سان ٻُڌنديس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌنديس * جيڪو ٻُڌنديس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک پڙهڻ تي بي هوش ٿيڻ جو واقعو

حضرت علي اَوۡسط امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ مصطفٰي جي شهزادي، شهيدِ ڪربلا، امام عالي مقام، حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جا شهزاده آهن. تمام گهڻا متقي پرهيزگار، تقوٰي وارا، ۽ خوف خدا رکڻ واري شخصيت هئا.

(خوفِ خدا ٻن قسمن جو (هوندو) آهي: (1): اهو خوفِ خدا جيڪو اسان جهڙن گناھگارن کي ٿيندو آهي، يعني الله پاڪ جي عذاب جو خوف، الله پاڪ جي پڪڙ جو خوف، ته ڪٿي اسان جي گناھن جي ڪري پڪڙ نه ٿي وڃي. (2): جڏهن ته اولياءِ ڪرام، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کي جيڪو خوف ٿيندو آهي. اهو الله پاڪ جي خفيه تدبير جو خوف آهي، الله پاڪ جي ويجهڙائپ (قُرب) کان پري هئڻ جو خوف آهي ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو الله پاڪ جي ويجهڙائپ جي جيڪا نعمت اسان کي نصيب آهي، الله نه ڪري هيءَ نعمت اسان کان واپس نه ورتي وڃي.)

حضرت امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ جو خوفِ خدا ٻئي قسم جو هو، هڪ ڀيري پاڻ حج جي لاءِ احرام ٻَڌو، ته احرام ٻڌندي ئي سندن چهرو مبارڪ ڦڪو ٿي


 

 



[1]... المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942