Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پراڻي زماني کان سُڃاڻيندو هو ان کي خبر هئي ته هي پهريان شهزادو هوندو هو، پوءِ انهن بادشاهت ڇڏي ڏني ۽ ربّ جي رستي تي هلڻ لڳا جڏهن ان شخص حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي درياءِ دجله جي ڪناري تي ويهي پنهنجي لباس کي پيوند لڳائيندي ڏٺو ته چيائين: اي ابراهيم حڪومت ڇڏي ڪري توهان ڇا حاصل ڪيو؟ هڪ لباس اهو به ڦاٽل پراڻو ۽ ان کي به پنهنجن هٿن سان چتيون هڻي رهيا آهيو، پهريان شاهاڻو لباس هوندو هئي، چؤطرف سوين خادم هوندا هئا، انهن کي ڇڏي ڪري ڇا حاصل ڪيو؟ حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن هي ٻڌو ته پنهنجي سُئي درياء ۾ اڇلائي ۽ پوءِ ارشاد فرمايائون: اي مڇيون! منهنجي سُئي واپس ڪيو، هي ٻڌڻ جي دير هئي مڇيون پنهنجي وات ۾ سونَ جون سُيون کڻي ڪري پاڻي جي سطح تي اچي ويون، حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: مونکي هيءَ نه مونکي پنهنجي سُئي کپي، ته هڪ مڇي پنهنجي وات ۾ حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سُئي کڻي ڪري حاضر ٿي پاڻ ان کان سُئي ورتي ۽ ان شخص کي ارشاد فرمايائون: اي شخص! مون حڪومت ڇڏي ڪري هيءُ حاصل ڪيو آهي.[1]

وہ کہ اس دَر کا ہوا خلقِ خدا اس کی ہوئی                                            وہ کہ اس دَر سے پِھرا اللہ ہی سے پھر گیا [2]

ربّ جي رحمت تمام گهڻي وسندي آهي

هيءَ حقيقت آهي جڏهن ٻانهو حقيقت ۾ عملي طور تي هي چوندو آهي: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ  پوءِ سڀ ڪجھ ڇڏي ڪري ربّ جو ٿي ويندو آهي، جڏهن ٻانهو اقرار ڪري وٺندو آهي مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان، صرف انهن ڪمن ۾ مصروف رهندو آهي جيڪي ربّ جي رضا وارا آهن، جن ڪمن جو ربّ منع فرمايو آهي انهن کان بچندو آهي، جنّت واري رستي تي هلندو آهي، جهنّم


 

 



[1] تذکرۃ الاولیاء، ابراہیم بن ادہم، صفحہ:82۔

[2] حدائق بخشش، صفحہ:53