Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن کان بچندو آهي ته ربِّ ڪريم پوءِ نوازيندو آهي، بخاري شريف ۾ هڪ حديث قدسي آهي: الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: إِنْ تَقَرَّبَ إِلَيَّ بِشِبْرٍ تَقَرَّبْتُ إِلَيْهِ ذِرَاعًا يعني جيڪڏهن ٻانهو منهنجي طرف هڪ گرانٺ به وڌندو آهي ته مان ان جي طرف هڪ گَز وڌندو آهيان، وَإِنْ تَقَرَّبَ إِلَيَّ ذِرَاعًا تَقَرَّبْتُ إِلَيْهِ بَاعًا ۽ هڪ ٻانهو جڏهن منهنجي طرف هڪ گَز وڌي ته مان ان جي طرف هڪ ميل وڌي ويندو آهيان، وَإِنْ أَتَانِي يَمْشِي أَتَيْتُهُ هَرْوَلَة ۽ جيڪڏهن ٻانهو مون ڏي هلي ڪري اچي ته مان ان ڏي ڊوڙي ڪري ايندو آهيان.[1]

مطلب هي ته جڏهن ٻانهو ربّ جي رضا وارن ڪمن جي طرف ٿورو قدم وڌائيندو آهي ته ربّ ڪريم جي رحمت وڌيڪ اڳتي ايندي آهي، جڏهن ٻانهو گرانٺ ربّ جي رضا وارن ڪمن جي طرف وڌندو آهي ته ربِّ ڪريم جي رحمت هڪ گز ان جي طرف ايندي آهي، جڏهن ٻانهو ربّ جي رضا وارن ڪمن ۾ هڪ گز جيترو وڌندو آهي ته ربّ جي رحمت هڪ ميل جي برابر (يعني هن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ان جي طرف وڌندي آهي) جڏهن ٻانهو آهسته آهسته ربّ جي رضا وارن ڪمن جي طرف وڌندو آهي ته ان جي رحمت ڄڻ ته ڊوڙي ڪري ان ٻانهي جي طرف ايندي آهي. ٿورو اندازو لڳايو ته هي ڪيڏي خوش قسمتي جي ڳالھ آهي...! اسان ربّ جي رضا وارن ڪمن جي طرف وڌون ته سهي ته ربّ جي رحمت اسان جي مٿان ڪيڏي وسندي.

الله پاڪ! پنهنجن ٻانهن کي فرمائي ٿو

حضرت علامه ابن رَجَبۡ حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ روايت نقل ڪن ٿا: ته الله ڪريم هر روز پنهنجن ٻانهن کي پڪاريندو آهي ۽ هيءَ عبرتناڪ پڪار آهي هن کي دل جي ڪنن سان ٻڌو ۽ هن کي پنهنجي دل ۾ سمايو جو اسان کي روزانو ڪهڙي عبرتناڪ پڪار ٿئي ٿي. فرمايائون: الله پاڪ روزانو پنهنجن ٻانهن کي


 

 



[1] بخاری ، کتاب التوحید، باب ما یذکر فی الذات، صفحہ:1787، حدیث:7405۔