Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:مدني قافلو

اي عاشقانِ رسول! اڄوڪي هن فتنن واري دور ۾ ربّ جي رضا وارن ڪمن ۾ مصرورف هئڻ، نيڪيون ڪمائڻ، الله پاڪ جي ناراضگي وارن ڪمن کان بچڻ نيڪيون ڪمائڻ، گناهن کان بچڻ، توبھ ڪرڻ ۽ توبھ تي استقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب ذوق ۽ شوق سان وڌي ڪري حصو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون ملنديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو به آهي. اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

نشي جي بُري عادت ڇڏجي وئي

جيڪب آباد جي علائقي سان تعلق رکڻ واري اسلامي ڀاءُ جو بيان ڪجھ هن طرح آهي: پهريان مان غلط عقائد رکڻ وارو ۽ اخلاقي برائين جي اونهي کڏ  ۾ دٻيل هئس، روزانو رات جو 8 کان 12 وڳي تائين ڀنگ، چرس ۽ شراب وغيره جو نشو ڪندو هئس، پوءِ بدمست ٿي ڪري گهر پهچندو ۽ بي خبر ٿي سمهي رهندو هئس. امڙ منهنجي حالت ڏسي روئيندي رهندي هئي ۽ مونکي سمجهائيندي هئي پر مون تي ٿورو به اثر نه ٿيندو هو، پوءِ تقريباً 2010ء ۾ اسان جي علائقي ۾ سيلاب آيو ته اسان هڪ محفوظ جڳھ تي پناھ ورتي. اتي مان تمام گهڻو بيمار ٿي پيس، منهنجي خوش نصيبي جو انهي دوران منهنجي ملاقات دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي وئي، جن جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مونکي مدني قافلي ۾ سفر جي توفيق نصيب ٿي. الحمد لله! مدني قافلي جي برڪت سان