Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!       جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

نِڇَ اچڻ جون سنّتون ۽ آداب

 ٻه فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ: (1): الله پاڪ کي نڇ پسند آهي[1] (2): جڏهن ڪنهن کي نڇ اچي ۽ هو اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ چئي ته ملائڪ چوندا آهن: رَبِّ الْعٰلَمِیْن، ۽ جيڪڏهن هورَبِّ الْعٰلَمِیْنَ  چوندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: یَرْحَمُکَ اللہُ يعني الله پاڪ توتي رحم فرمائي.[2]

اي عاشقانِ رسول! نڇ اچڻ وقت مٿو جهڪايو، وات ڍڪيو ۽ آواز هوريان ڪڍو، نڇ جو آواز بلند ڪرڻ حماقت آهي*نڇَ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ چوڻ گهرجي بهتر هي آهي ته اَلْحَمْدُ للہ رَبِّ الْعٰلَمِیْن يا اَلْحَمْدُ للہ عَلیٰ کُلِّ حَال  چئي* ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته فوراً یَرْ حَمُکَ اللہ (يعني الله پاڪ توتي رحم فرمائي) چئي. ۽ ايتري آواز سان چئي جو نڇ ڏيڻ وارو پاڻ ٻڌي وٺي* جواب ٻڌي ڪري نڇ ڏيڻ وارو چئي: یَغْفِرُ اللہ ُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرمائي) يا هي چئي: یَھْدِیْکُمُ اللہُ، وَ یُصْلِحُ بَالَکُمْ (يعني الله پاڪ توکي هدايت ڏي ۽ تنهنجو حال درست ڪري)* جيڪو نڇ اچڻ تياَلْحَمْدُ للہ عَلیٰ کُلِّ حَال چئي ۽ پنهنجي زبان سڀني ڏندن تي ڦيريندو ڪري ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڏندن جي بيماري کان محفوظ رهندو*حضرت مولاءِ ڪائنات، عليُّ الۡمُرۡتَضٰي رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ فرمائن ٿا: جيڪو نڇ اچڻ تياَلْحَمْدُ للہ عَلیٰ کُلِّ حال چئي ته


 

 



[1] بخاری، کتاب:الادب، باب:ما یستحب من العطاس ، صفحہ:1540، حدیث:6223۔

[2] معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:13، حدیث:12117