Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

اهو ڏاٺ ۽ ڪن جي سورَ ۾ ڪڏهن به مبتلا نه ٿيندو*نڇ ڏيڻ واري کي گهرجي ته زورَ سان حمد چئي ان ڪري جو ڪير ٻڌي ۽ جواب ڏئي*نڇ جو جواب هڪ ڀيري واجب آهي، ٻيو ڀيرو نڇ اچي ته هو اَلْحَمْدُ للہ چئي ته ٻيو ڀيرو جواب واجب ناهي بلڪ مستحب آهي* جواب هن صورت ۾ واجب ٿيندو جڏهن نڇ ڏيڻ وارو اَلْحَمْدُ للہ چئي ۽ حمد نه ڪري ته جواب ناهي* خطبي جي وقت ڪنهن کي نڇ آئي ته ٻڌڻ وارو ان کي جواب نه ڏئي*  گهڻا اسلامي ڀائر هجن ته ڪجھ حاضرين جواب ڏئي ڇڏيو ته سڀني جي طرفان واجب ادا ٿي ويو پر بهتر هي آهي ته سڀ جواب ڏين* ڀت جي پويان ڪنهن کي نڇ آئي ۽ ان اَلْحَمْدُ للہ چيو ته ٻڌڻ وارو ان جو جواب ڏئي*نماز ۾ نڇ اچي ته سڪوت ڪري (يعني خاموش رهي) ۽ اَلْحَمْدُ للہ چئي ڇڏيائين تڏهن به نماز ۾ حرج ناهي ۽ جيڪڏهن ان وقت حمد نه ڪيائين ته فارغ ٿي ڪري چئي*توهان نماز پڙهي رهيا آهيو ۽ ڪنهن کي نڇ آئي ۽ توهان جواب جي نيّت سان اَلْحَمْدُللہ چيو ته توهان جي نماز ٽُٽي پئي*ڪافر کي نڇ آئي ۽ ان اَلْحَمْدُ للہ چيو ته جواب ۾ یَھْدِیْکُمُ اللہُ (يعني الله پاڪ توکي هدايت ڏي) چيو وڃي.

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

غم کے بادَل چَھٹیں قافلے میں چلو                خوب خوشیاں ملیں قافلے میں چلو

رب کے در جُھکیں، اِلتِجائیں کریں                بابِ رحْمت کھلیں، قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ .