Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

ويو، خوفِ خدا جي غلبي جي سبب تَلبِيه (يعني لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) نه پڙهي سگهيا. ماڻهن عرض ڪيو: عالي جاھ! توهان تَلبيه (يعني لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) ڇو نه ٿا پڙهو؟ فرمايائون: مونکي ڊپ آهي ته جڏهن مان لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك پڙهان ته لَالَبَّيْك نه فرمايو وڃي، يعني الله پاڪ جي بارگاھ مان هي جواب نه اچي وڃي ته تنهنجو حاضر ٿيڻ قبول ناهي. ماڻهن عرض ڪيو: عالي جاھ! احرام ٻڌي ڪري تَلبيه(يعني لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) پڙهڻ ضروري آهي. هاڻي حضرت امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ جن شرعي حڪم تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پڙهڻ شروع ڪيو:  لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك...

هي پڙهيو ئي هو ته خوفِ خدا غالب اچي ويو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيهوش ٿي ڪري زمين تي تشريف کڻي آيا. حج جي دوران سندن جي اها ئي ڪيفيت رهي، منٰي ۾، عرفات ۾، صفا مروه تي جڏهن به پاڻ لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك پڙهندا هئا ته سندن تي بيهوشي طاري ٿي ويندي هئي.[1]

محبت میں اپنی گما  یا الہٰی!                                                                   نہ پاؤں میں اپنا پتا یا الہٰی!

مرے  اشک بہتے رہیں کاش ہر دم                                                  ترے خوف سے یا خدا یا الہٰی!

ترے خوف سے ترے ڈر سے ہمیشہ                                                میں   تھر   تھر   رہوں   کانپتا   یا   الہٰی![2]

امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ تي الله پاڪ جون ڪروڙين رحمتون نازل ٿين ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي.  اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

اعلٰي حضرت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ جي خدمت ۾ استغاثو پيش ڪندي عرض ڪن ٿا:

اے تُرا زَیْن  اَزْ عِبَادت وزِ تُو زَیْنِ عابداں               بہرِ ایں  بے زِینت  اَزْ زَیْن وصَفَا امداد کن[3]


 

 



[1] تاريخ الاسلام، حرف العين ، جلد:3،صفحہ:182۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:105

[3] حدائقِ بخشش،صفحہ:328