Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

وضاحت: اي اها ذات جيڪا عبادت جي نور سان منوَّر آهي، ۽ اي اها ذات! جنهن جي برڪت سان عبادت گذارن کي زينت ملي آهي، مون بي زينت (يعني گناھگار) جي مدد فرمايو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

دل حج تي اچڻ جي لاءِ ڏاڍو چاهي ٿي....!!

اي عاشقانِ رسول! حج جا ڏهاڙا ويجهو اچي رهيا آهن، قافلا حرم ڏي وڃڻ جي لاءِ تيار آهن، جن خوش نصيبن جو نالو هن سال جي حاجين جي فهرست ۾ اچي چڪو آهي، اهي زور ۽ شور سان، شوق ۽ محبت سان تيارين ۾ مصروف هوندا، احرام ورتا ويندا هوندا، ضروري سامان پيڪ ڪيو ويندو هوندو، ڪجھ ئي ڏينهن ۾ قافلا حرم ڏانهن وڃڻ شروع ٿي ويندا، ڪاش اسان بي ڪسَن، گناھگارن کي به هيءَ سعادت ملي، اسان به حج ڪريون، صفا مروه جي سَعي ڪريون، ميدانِ عرفات ۾ قيام هجي، منٰي ۾ قرباني ڪريون، حجرهءِ اسوَد کي جهومي جهومي ڪري چمڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي ۽ ڪاش صد ڪروڙ ڪاش! جهومي جهومي ڪري ڪعبه شريف جي چؤطرف ديوانن وانگر چڪر لڳائڻ (يعني طواف ڪرڻ) جي سعادت ملي وڃي. اميرِ اهلسنّت، بانيءِ دعوت اسلامي، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪن ٿا:

بڑا حج پہ آنے کو جی چاہتا ہے                                                           بُلاوا اب آ ئیگا کب یا الٰہی!

میں مکّے میں آؤں مدینے میں آؤں                                                   بنا    کوئی   ایسا   سَبب   یا   الٰہی![1]

حاجي ۽ ربَّ جي محبَّت جو عملي اظهار

پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪرڻ جي ڳالھ آهي! هي ڪيڏو خوبصورت


 

 



[1] وسائلِ بخشش، صفحہ:107