Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

منظر آهي جو الله پاڪ جو ٻانهو، جنهن کي الله پاڪ خلقيو، جنهن کي الله پاڪ ساھ عطا ڪيو، زندگي عطا ڪئي، طاقت عطا ڪئي، اهو ٻانهو احرام ٻڌي ڪري الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪندي، مڪي ۾ پهچندو آهي، لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان) جون صدائون هڻندو آهي ۽ عملي طور هي اقرار ڪري رهيو هوندو آهي ته اي الله! مان تنهنجو ئي ٻانهو آهيان، تون ئي منهنجو ربّ آهين، اي الله پاڪ! مان تنهنجي پاڪ بارگاھ ۾ حاضر آهيان، اي ربّ رحمٰن ۽ رحيم! تو مونکي ڪعبي جي چؤطرف طواف ڪرڻ جو حڪم ڏنو مان طواف ڪرڻ جي لاءِ حاضر آهيان، اي ربّ ڪريم! تو مونکي ميدانِ عرفات ۾ قيام جو حڪم ڏنو، مان پنهنجو گهر ٻار ڇڏي ڪري، پري کان سفر ڪري، گرمي ۽ سخت اُس جي پرواھ ڪرڻ بنا ميدانِ عرفات ۾ حاضر ٿي ويو آهيان.

مطلب ته هي ڪيڏو خوبصورت ۽ عشق ڀريو انداز آهي، هن ۾ محبتِ الهيءَ جي اهڙي ته جهلڪ پاتي وڃي ٿي جو ٻانهو پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو آهي: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان).

میں مکّے میں پھر آگیا یا الٰہی!                                                                                             مجھے   بخش   دے   بے   سبب   یا   الٰہی![1]

تَلبيه جي فضائلن تي 3 حديثون

(1) اسان جي آقا ۽ مولا مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَا مِنْ مُلَبٍّ يُلَبِّي إِلَّا لَبَّى مَا عَنْ يَمِينِهِ وَعَنْ شِمَالِهِ مِنْ شَجَرٍ وَّحَجَرٍ حَتَّى تَنْقَطِعَ الْأَرْضُ هَاهُنَا وَهَاهُنَا يعني جڏهن تَلۡبِيه (يعني لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) پڙهڻ وارو تَلۡبيه پڙهندو آهي ته ان سان گڏ ان جي ساڄي (Right) ۽ کاٻي (Left) پاسي زمين جي آخري ڪناري تائين جيترا وڻ آهن جيترا پٿر آهن اهي سڀئي تَلۡبيه پڙهندا آهن.[2] (2): هڪ حديث پاڪ ۾ آهي:


 

 



[1] وسائلِ بخشش، صفحہ:107

[2] صحیح ابنِ خزیمہ ،کتاب المناسک ،باب ذکر تلبیۃ الاشجار ،صفحہ:601 ،حدیث:2634