Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

اسان جي آقا ۽ مولا مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَضْحٰى يَوْماً مُحْرِماً مُلَبِّياً حَتَّى غرَبَتِ الشَّمْسُ غَرَبَتْ بِذُنُوبِهِ فَعَادَ كَمَا وَلَدَتْهُ أُمُّهُ يعني جنهن ان حال ۾ صبح ڪئي جو ان کي احرام ٻڌل هو، تَلبيه پڙهي رهيو هو (۽ سڄو ڏينهن انهي حال ۾ رهيو) ايستائين جو سج لهي ويو، ته هي جيڪو سج لٿو آهي، هي ان جي گناھن کي گڏ کڻي ڪري لٿو آهي، هاڻي هي ٻانهو ايئن ٿي ويندو جيئن ان جي ماءُ ان کي ڄڻيو هو.[1] (3): رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جن فرمايو: 3 آواز اهڙا آهن جن تي الله پاڪ فرشتن جي سامهون فخر فرمائيندو آهي: (1): اذان جو آواز (2): راھِ خدا ۾ تڪبير (يعني الله اکبر) چوڻ جو آواز ۽ (3): تَلۡبِيه پڙهڻ جو تيز آواز.[2]

تم اِحْرام میں خوب لَبَّیک پڑھنا         ثواب اس میں لَا رَیْب (بے شک) حد سے  سوا ہے[3]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

ميدانِ محشر ۾ لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک جي ڌوم ڌام

 حضرت وَهۡب بن مُنَبّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: تورات شريف (جيڪو آسماني ڪتاب آهي، حضرت موسٰي عَليۡهِ السّلام تي نازل ٿيو، ان ڪتاب) ۾ لکيل آهي: الله پاڪ قيامت جي ڏينهن 7 لک  مُقرَّب ملائڪن کي سون جا زنجيرَ عطا فرمائيندو ۽ حڪم ڏيندو ته هنن زنجيرن سان ڪعبي شريف کي ميدانِ محشر ۾ کڻي اچو! ملائڪ ويندا، انهن سونَ جي زنجيرن سان ڪعبي شريف کي ٻڌندا، پوءِ هڪ ملائڪ پڪاري چوندو: اي ڪعبه! هل...!! ڪعبو شريف چوندو: مان نه هلندُس جيستائين منهنجو سوال پورو نه ٿي وڃي. آسمان جي فضا مان هڪ ملائڪ پڪاريندو: اي ڪعبه! سوال ڪر تنهنجو سوال پورو ڪيو ويندو. هاڻي ڪعبو


 

 



[1] جامع صغیر ،صفحہ:515 ،حدیث: 8461

[2] جامع  صغیر ،صفحہ:211 ،حدیث:3492

[3] وسائلِ بخشش،صفحہ:454