Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

جهومي ڪري  لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ جون صدائون لڳايون الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرماءِ.     آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

هر نماز کان پهريان لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ پڙهندا...!

عام طور تَلۡبيه (يعني لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ) احرام ٻڌي ڪري ئي پڙهي ويندي آهي، پر جيڪڏهن اسان ان جي معنٰي تي غور ڪريون ته هن لحاظ سان هڪ مسلمان جي زندگيءَ جو هڪ لمحو به ايئن ناهي، جيڪو ان سان جدا ٿي ڪري گذري سگهي، مسلمان جي معنٰي ئي هيءَ  آهي: الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جي حڪم تي مٿو جهڪائڻ وارو، تنهنڪري مسلمان جي زندگيءَ جو هڪ هڪ لمحو انهيءَ تصور سان، انهيءَ يقين سان ۽ انهيءَ شوق سان ۽ جذبي سان گذرڻ گهرجي جو ان جي دل مان، ان جي دماغ مان، ان جي زبان مان، ان جي پوري جسم مان، ان جي هڪ هڪ فعل مان، ان جي هڪ هڪ سوچ مان، هڪ هڪ خيال مان، هي آواز پيدا ٿي رهيو هجي: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان). اسان جي آقا ۽ مولا محمد مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جو مبارڪ انداز هو، رات جو جڏهن نماز پڙهندا هئا (يعني رات جا نفلَ ادا فرمائيندا هئا) ته نماز شروع ڪرڻ کان پهريان چوندا هئا: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان). ۽ ڪجھ روايتن جي مطابق هر فرض نماز کان پهريان پاڻ   صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ پڙهندا هئا: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان).[1]

هر صبح جو لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك چئو...!!

نهايت پيارا صحابي، حضرت زيد بن ثابت رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جن انهن کي هڪ ڀيري هڪ دعا سيکاري ۽ هي حڪم ڏنائون ته پاڻ به ۽ پنهنجي گهر وارن کي به پابنديءَ سان روزانو هيءَ دعا پڙهائيندو


 

 



[1] شرح حدیثِ لبیک اللہم لبیک ،صفحہ:25