Book Name:Shoq e Hajj

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

صحابيءِ رسول حضرت جابر بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: الله پاڪ جي آخري نبي رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو مسلمان ميدانِ عرفات ۾ ترسي، اتي قبلي ڏانهن منهن ڪري، پوءِ هي وظيفو 100 ڀيرا پڙهي:

لَاۤ اِلَهَ اِلَّا اللهُ وَحْدَهٗ لَا شَرِيكَ لَهٗ، لَهٗ الْمُلْكُ وَ لَهٗ الْحَمْدُ وَ هُوَ عَلٰى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ

 پوءِ سورة اخلاص (يعني قُلْ هُوَ اللهُ اَحَد) 100 ڀيرا پڙهي، پوءِ 100 ڀيرا هيئن دُرودِ پاڪ پڙهي: اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰى مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ عَلٰى اِبْرَاهِيمَ وَ آلِ اِبْرَاهِيمَ اِنَّكَ حَمِيدٌ مَّجِيدٌ  وَ عَلَيْنَا مَعَهُمْ (ته ان کي فضيلت ڪهڙي ملندي آهي؟) الله پاڪ جي آخري نبي رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: الله پاڪ ان ٻانهي سان خوش ٿي ڪري ملائڪن کي فرمائيندو آهي: اي منهنجا ملائڪو! اهو ٻانهو جنهن منهنجي تسبيح بيان ڪئي، منهنجي وڏائي بيان ڪئي، منهنجي عظمت کي بيان ڪيو، منهنجي حمد ۽ ثناء ڪئي، منهنجي نبيءَ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرود پڙهيو، ملائڪو! ان ٻانهي جي جزا ڇا آهي؟ پوءِ الله پاڪ پاڻ ئي فرمائيندو آهي: اي ملائڪو! گواھ ٿي وڃو...! بيشڪ مون ان کي بخشي ڇڏيو، سندس