Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اعلٰي حضرت جا اعلٰي اخلاق

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَیْتُ سُنَّتَ الْاِعْتِکَاف (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي پڙهيل دُ رُودِ پاڪ ڪم اچي ويو

حضرتِ عبدُالله بن عُمَر رَضِىَ اللّٰهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي: قِيامت جي ڏينهن حضرت سَيدُنا آدم صَفِي الله عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام عرش جي ويجھو ڪشادي ميدان ۾ موجود هوندا، سندن بدن تي ٻه ساوا ڪپڙا هوندا، پنهنجي اولاد مان هر ان شخض کي ڏسي رهيا هوندا جيڪو جنَّت ۾ وڃي رهيو هوندو ۽ پنهنجي اَولاد مان ان کي به ڏسي رهيا هوندا جيڪو دَوزَخ ۾ وڃي رهيو هوندو۔ انهيء دوران حضرت آدمعَلَيۡهِ السَّلام رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ اُمَّتِي کي دَوزَخ ۾ ويندو ڏسندا۔ سَيدُنا آدم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلام پڪاريندا، يا احمد ! يا احمد ! حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چوندا: لَبَّيڪ اي ابُوالبَشَر ! حضرت سَيدُنا آدمعَلَيۡهِ السَّلام حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي چوندا: اوهان جو اُمَّتِي دَوزَخ ۾ وڃي رهيو آهي. اهو ٻڌي پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڏي ڦڙتي سان تيز تيز وکون وڌائيندا ملائڪن جي پويان ويندا ۽ چوندا: اي منهنجي رَبّ جا ملائڪو ! ترسو۔ هو عرض ڪندا: اسان مُقَرَّرڪيل ملائڪ آهيون، جنهن ڪم جو اسان کي الله پاڪ حڪم ڏنو آهي ان جي نافرماني ناهيون ڪندا، اسان اهو ئي ڪندا آهيون جنهن جو اسان کي حڪم مليو آهي۔ جڏهن حُضُوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  افسرده ٿيندا ته پنهنجي ڏاڙھي مُبارڪ کي کاٻي هٿ سان پڪڙيندا ۽ عرش ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي