Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

    علّامه قُرطبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري هڪ عورت مشهور وليُ الله حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت بابرڪت ۾ هڪ عورت حاضر ٿي عرض ڪيو: منهنجي جوان ڌيءَ فوت ٿي وئي آهي ڪو طريقو ارشاد فرمايو جو مان ان کي خواب ۾ ڏسي وٺان. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي عمل ٻڌايائون. ان پنهنجي مرحومه ڌيءَ کي خواب (Dream) ۾ اهڙي حالت ۾ ڏٺو جو اُن جي بدن تي تارڪَول (يعني ڏامر) جو لباس، ڳچيءَ ۾ زنجير ۽ پيرن ۾ زنجيرون آهن! ان عورت اهو  خواب حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ٻڌايو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اهو ٻڌي ڏاڍا غمگين ٿيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خواب ۾ هڪ ڇوڪريء کي ڏٺو. جيڪا جنّت ۾ هئي ۽ ان جي مٿي تي تاج (Crown) پاتل هو. ان چيو: ڇا اوهان مون کي نه سڃاتو، مان انهيءَ عورت جي ڌيءَ آهيان، جنهن اوهان کي منهنجي حالت ٻڌائي هُئي، حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ڪهڙي سبب مان توهان جي حالت بدليل ڏسي رهيو آهيان؟” مرحومه چوڻ لڳي: قبرستان جي قريب کان هڪ شخص گذريو ۽ ان شخص نبي ڪريم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود شريف موڪليو، ان جي درود شريف جي برڪت سان الله پاڪ اسان