Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

لاءِ آيا آهيون، جيڪو به ڪيون، آخر هتان کان وڃڻو آهي، قبر جي کڏي ۾ لهڻو ئي لهڻو آهي، ان لاءِ سُٺو آهي ته هاڻي کان قبر ۽ آخرت جي تياري ڪري وٺون.

دنيا آخرت جي تياري جي لاءِ مخصوص آهي

   ياد رکو! هي دنيا کائڻ پيئڻ، مال جمع ڪرڻ، گهر، بنگلا بڻائڻ، عيش ڪرڻ، فضوليات ۾ ڏينهن گذارڻ جي لاءِ نه، نيڪيون ڪري قبر ۽ آخرت جي تياري جي لاءِ مخصوص آهي، مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي آخري خطبي ۾ فرمايو: الله پاڪ توهان کي دنيا صرف ان لاءِ عطا فرمائي آهي ته توهان ان جي ذريعي آخرت جي تياري ڪيو ۽ ان ڪري ناهي عطا فرمائي ته توهان انهيءَ جا ٿي ڪري رهجي وڃو، بيشڪ دنيا فاني ۽ آخرت باقي آهي، توهان کي فاني (دنيا) ڪٿي ڀٽڪائي ڪري باقي (رهڻ واري آخرت) کان غافل نه ڪري ڇڏي، فنا ٿي وڃڻ واري دنيا کي باقي رهڻ واري آخرت تي ترجيح نه ڏيو ڇوته دنيا ڇڏجڻ واري آهي ۽ بيشڪ الله پاڪ جي طرف موٽڻو آهي. الله پاڪ کان ڊڄو ڇوته ان جو ڊَپُ ان جي عذاب جي لاءِ (روڪ ۽) آڙ ۽ ان الله پاڪ تائين پهچڻ جو ذريعو آهي.[1]

ہے یہ دنیا بے وفا آخِر فنا                                                                                                          نہ رہا اس میں  گدا نہ بادشَہ

قبر ۾ ڪم اچڻ وارا اعمال

  اي عاشقانِ رسول! قبر جي وحشت ۽ اڪيلائي کي امن ۽ راحت ۾، قبر جي اونداهي کي روشني ۾ بدلائڻ ۽ قبر جي عذاب کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي خواهش آهي ته يقيناً ان جي لاءِ هاڻي کان تياري ڪرڻي پوندي. اهي ڪهڙا ڪمَ آهن: جنهن کي اپنائي ڪري اسان پنهنجي قبر کي روشن ڪري سگهون ٿا؟ قبر جي


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی الدنیا،ذم الدنیا،جلد:5 ،صفحہ:83۔