Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:
”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.[1]
ٻه مدني گُل:
(1) بغير سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو
(2)
جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
بيان ٻڌڻ جون نيّتون
*نگاهون
جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي
جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري
ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله تُوبُوا اِلَـي
الله! وغيره ٻڌي
ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن
جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام،
مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ
تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد