Book Name:Aashiqon ka Hajj
ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ۽ سفرِ حج جي عظمت ۽ ان جي مقصدن کي سمجھڻ وارا بڻجي وڃون. عمومًا ڏٺو ويو آهي ته ڪجھ ماڻهو هر سال حج ۽ عمري جي مبارڪ سفر تي روانا ٿيندا، ڪعبةالله شريف جي زيارت ۽ ان جي طواف جو شرف حاصل ڪندا ۽ ٻين حج جي ارڪانن جي ادائگي کان بعد روضهء رسول جي حاضري جي سعادت حاصل ڪندا آهن.
پر جڏهن موٽندا آهن ته پهريان وانگر گناهن ڀري زندگي ۾ مشغول ٿي ويندا آهن ۽ برائيون پهريان وانگر باقي رهنديون آهن، اهڙن ماڻهن کي غور ڪرڻ گھرجي آخر ڇا سبب آهي؟ ان مقدس مقامن تي بار بار حاضري جي باوجود به اسان پنهنجي اصلاح نه ڪري سگھيا آهيون. ڪٿي ايئن ته ناهي ته هي سڀ حج ۽ عمرا صرف نفس جي خواهش ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ ۽ پاڻ کي ”حاجي صاحب“ چورائڻ جي لاءِ ڪيا هجن؟ ڇو جو ماڻهن جي نظر ۾ ڪثير حج ۽ عمرا ڪرڻ ۽ عابد ۽ زاهد جي نالي سان سُڃاتو وڃڻ جي خواهش عبادتن ۾ وڏي کان وڏي مشقت آسان ڪري ڇڏيندي آهي.
جيئن ته حضرت سيدنا ابو محمد مُرتَعِش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ مون تمام گهڻا حج ڪيا ۽ انهن مان گھڻا حجّ سفر جي خرچ کان سواءِ ڪيا۔ پوءِ مون تي ظاهر ٿيو ته اهو صرف منهنجي نفس جو ڌوڪو هو، ڇو ته هڪ دفعي منهنجي ماءُ مون کي پاڻي جو دلو ڀري کڻي اچڻ جو حڪم ڏنو ته منهنجي نفس تي ان جو حڪم سخت لڳو، ان ڪري مان سمجهي ويس ته حج جي سفر ۾ منهنجي نفس منهنجي مدد رڳو پنهنجي لذت جي لاءِ ڪئي آهي ۽ مون کي ڌوڪي ۾ رکيو آهي ڇو ته جيڪڏهن منهنجو نفس فنا ٿي چڪو هجي ها ته اڄ هڪ شرعي حق پورو ڪرڻ (يعني ماءُ جي اطاعت ڪرڻ) نفس تي بي حد ڏکيو نه لڳي ها۔ (الرسالة القشيريه ص 135)