Book Name:Aashiqon ka Hajj

1.   سفر شروع ڪرڻ کان پهرين سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن. جيئن گهر اچڻ وڃڻ ۽ رستي ۾ ملڻ وارن سان مصافحي جي نيت، سلام جو جواب ڏيڻ جي نيت، بدنگاهي کان حفاظت سان گڏ هر قسم جي گناهن کان پاڻ کي بچائڻ جي نيت، نماز جي حفاظت جي نيت وغيره وغيره. ان ۾ وڌيڪ نيتون به وڌائي سگھجن ٿيون. (حج ۽ عمري ۽ زيارتِ مدينهء منوّره زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا جي وڌيڪ سٺين سٺين نيتن ۽ شرعي مسئلن جي معلومات جي لاءِ شيخ طريقت اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي 351 صفحن تي مشتمل مايه ناز تصنيف “رفيق الحرمين” جو مطالعو بي حد مفيد رهندو.)

2.   سفر جون مسنون دعائون پڙهڻ گھرجن، ممڪن هجي ته ٻين عاشقانِ رسول کي به پڙهائي ڇڏيو.

3.   ٻين کي گواھ بڻائيندي تمام گناهن کان سچي توبھ ۽ احتياطًا تجديدِ ايمان به ڪرڻ گھرجي.

4.   حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيِّدُنا امام محمّد بن محمّد غزاليعَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الوَاِلی فرمائن ٿا: (سفر ڪرڻ واري کي گھرجي ته) سفر جي دوران ذڪر ۽ تلاوتِ قرآن ڪندو رهي پر ايتري آواز ۾ جو ٻيو نه ٻڌي، جيڪڏهن ڪو شخص گفتگو ڪري ته ذڪر ۽ تلاوت ڇڏي ڏي ۽ جيستائين اهو گفتگو ڪري ان جي ڳالھ غور سان ٻڌي، جڏهن خاموش ٿي وڃي ته پنهنجي حالت تي موٽي اچي (يعني ذڪر وغيره شروع ڪري ڇڏي) (احياء العلوم: ۲/۹۳۴)

مسافر جي لاءِ پنج شيون پاڻ وٽ رکڻ سُنت آهي. اُمُّ المومنين حضرت سيدتنا عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْها بيان ڪن ٿيون ته منهنجا سرتاج، صاحبِ