Shan e Sahaba

Book Name:Shan e Sahaba

آهي ”حسنينِ ڪريمَين جو شان ۽ عظمت“۔اچو ته شانِ صحابه سان مالامال هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا: جيئن ته مڪتبة المدينه جي مطبوعه 2 جلدن تي مشتمل ڪتاب "عيون الحکايات'' جنهن ۾ نصيحت ڀريا واقعا آهن، ان جي پهرين جِلد جي صفحي نمبر 73 تي حڪايت نمبر 17 آهي:

حضرت سَيدُنا ابُوجَہۡم بن حُذَيفَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: غزوهء يرمُوڪ جي ڏينهن آئون پنهنجي سَؤٽ کي تَلاش ڪري رهيو هئس، مون وٽ هڪ ٿانءُ ۾ ايترو پاڻي هو جو هڪ شَخص کي سيراب ڪري ها۔ مون سوچيو ته جيڪڏهن منهنجي سؤٽ جي زِندگي جا آخري پساھ باقي هوندا ته آئون اُن کي هي پاڻي پياريندس ۽ اِن سان سندس چہري کي صاف ڪندس۔ آئون جيئن ئي اُن جي ويجهو پهتس ته ڏٺم ته اهي رت ۾ لٿڙيل هئا، مون اُن کان پڇيو: ڇا آئون توهان کي پاڻي پياريان؟ اُنهن اِشاري سان چيو: ہا، ايتري ۾ اوچتو ڪنهن ٻئي جو آواز آيو۔ منهنجي سَؤٽ چيو: هي پاڻي ان وٽ کڻي وڃو۔ مون ڏٺو ته اهي حضرت سَيدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا ڀاءُ حضرت سَيدُنا ھـِشام بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هئا۔ آئون اُن جي ويجهو پهتس ۽ انهن کي چيم، آئون توهان کي پاڻي پِياريان ٿو، ايتري ۾ اُنهن به هڪ ٻئي زَخمي جو آواز ٻڌو ۽ اشاري سان فرمايو ته هي پاڻي ان وٽ کڻي وڃو۔ آئون اُن جي ويجهو پهتس ته اهي جامِ شہادت نوش فرمائي چڪا هئا۔ پوءِ آئون واپس حضرت سَيدُنا ھـِشام بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ آيس ته اهي به پنهنجي خالقِ حقيقي عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پهچي چڪا هئا۔ پوءِ آئون پنهنجي سَؤٽ وٽ آيس ته ڏٺو ته اهي به شہيد ٿي چڪا آهن۔ ([1])

 



[1]… عیون الحکایات جلد1ص73