Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?
دل ۾ دنيا جي مَحَبَّت نه هئڻ، مَحَبَّتِ الٰهي جو ذريعو
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! محبتِ الٰہي جي حُصُول جو هڪ ذريعو هي به آهي ته دُنيا جي مَحَبَّت کي پنهنجي دل مان ڪڍيو وڃي۔ پر افسوس دُنيا جي مَحَبَّت ۾ گرفتار ۽ ان جي رنگينين جو شڪار ٿي ڪري اسان جي دلين مان مَحَبَّتِ الٰہي جي چاشني ختم ٿي رهي آهي، ڇو جو جيڪڏهن اسان اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت ۾ سچا هجون ها ته اسان جون نمازون قضا نه ٿين ها، رمضان جا روزا نه ڇڏجن ها، زڪوٰة جي اَدائيگي ۾ سُستي نه ڪندا هجون ها، معلوم ٿيو ته هي دُنيا جي مَحَبَّت جي نحوست ئي آهي ته جنهن جي بِناء تي اسان کي صحيح معنيٰ ۾ مَحبَّتِ اِلٰہي حاصل نه آهي۔ تنهنڪري دُنيا جي مَحَبَّت کان جلد اَزۡ جلد جان ڇڏايو ڇو جو ان جي مَحَبَّت ۾ خَسارو ئي خَسارو آهي۔
حضرتِ سَيدُنا عَبدُاللہ بن مَسعُود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان رِوآيت آهي ته شَہنشاھِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جنهن کي دُنيا جي مَحَبَّت جو شربت پِياريو ويو، اهو ٽن (3) شين جو مزو ضرور چکيندو (۱) اهڙي سختي جنهن سان ان جي ٿَڪاوٽ دُور نه ٿيندي، (۲) اهڙو حرص جنهن کان اهو غَني نه ٿيندو، (۳) اهڙي خواہش جنهن جي تڪميل نه ڪري سگهندو۔ ڇو جو دُنيا طالبه (طلب ڪرڻ واري) ۽ مطلوبه (جنهن کي طلب ڪيو وڃي) آهي، تنهنڪري جنهن دُنيا کي طلب ڪيو، آخرت ان جي مرڻ تائين ان کي تلاش ڪندي رهندي، جڏهن اهو مري ويندو ته اها ان کي پڪڙي وٺندي ۽ جنهن آخرت طلب ڪئي، دُنيا ان کي ڳولهيندي رهندي ايستائين جو اها ان مان پنهنجو پُورو رِزۡق حاصل ڪري وٺي۔“
(طبرانی کبیر ،عبداللہ بن مسعود، رقم ۱۰۳۲۸ ،ج۱۰، ص ۱۶۲)