Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

نيڪو ڪار ڊڄي ويندا آهن۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ۔ ان حديثِ پاڪ کي ٻُڌي ڪري توهان کي معلوم ٿيندو ته جيڪو اللہ عَزَّوَجَلَّ سان محبت ڪندو آهي، ان جي رات ڪيئن گذرندي آهي؟ جيئن ته

 

        شَہنشاھِ نُبوّت، مَخزنِ جُودوسخاوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: الله عَزَّوَجَلَّ حضرت سيدنا داوٗد  عَلَيهِ السَّلام ڏانهن وحي موڪلي: ”اي داوٗد (عَلَيهِ السَّلام)! گنهگارن کي خوشخبري ڏي ۽ صديقن کي ڊيڄار، انهيءَ تي حضرت سيدنا داوٗد (عَلَيهِ السَّلام) کي تعجب ٿيو، انهن عرض ڪيو: ”ياربّ عَزَّوَجَلَّ آئون گنهگارن کي ڪهڙي خوشخبري ڏيان ۽ صدّيقن کي ڪيئن ڊيڃاريان؟

 

الله عَزَّوَجَلَّ فرمايو: ”اي داوٗد (عَلَيهِ السَّلام) گنهگارن کي اها خوشخبري ڏي ته ڪو گناھ منهنجي بخشش کان وڏو ناهي ۽ صدّيقن کي ان ڳالهه کان ڊيڄار ته اهي پنهنجي نيڪ عملن تي خوش نه ٿين جو مون جنهن کان به پنهنجي نعمتن جو حساب ورتو ته اهو تباھ ۽ برباد ٿي ويندو، اي داوٗد (عَلَيهِ السَّلام)! جيڪڏهن تون مون سان محبّت ڪرڻ چاهين ٿو ته دنيا جي محبت کي پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏ ڇاڪاڻ ته منهنجي ۽ دنيا جي محبت هڪڙي دل ۾ جمع نٿيون ٿي سگهن، اي داوٗد (عَلَيهِ السَّلام)! جيڪو مون سان محبت ڪندو آهي، اهو رات جو منهنجي بارگاھ ۾ تهجُّد ادا ڪندو آهي جڏهن ته ماڻهو سُتا پيا هوندا آهن، اهو اڪيلائي ۾ مون کي ياد ڪندو آهي جڏهن غافل ماڻهو منهنجي ذڪر کان غفلت ۾ پيا هوندا آهن، اهو منهنجي نعمت تي شڪر ادا ڪندو آهي جڏهن ته وسارڻ وارا مون کان غفلت اختيار ڪندا آهن۔

 (حلیۃالاولیاء ،عبدالعزیزبن ابی رواد،رقم ۱۱۹۰۶، ج ۸،ص ۲۱۱ ۔الیٰ قولہ الاھلک،بحر الدموع ص۲۱ )