Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

گھرجي ته جيڪڏهن اسان جا اهي رشتيدار جيڪي اسان کان رٺل آهن، سالن کان ناتا ٽوڙي ويٺا آهن يا معمولي ڳالھ تي ڳالھ ٻولھ بند آهي ته اسان کي پاڻ انهن وٽ وڃي سمجھائڻ گھرجي ۽ معافي تلافي ڪرڻ گھرجي، اها حقيقت آهي ته اهو سڀ اسان جي نفس کي نهايت ڏکيو لڳندو ۽ شيطان به ڪڏهن به پاڻ ۾ صلح ڪرڻ نه ڏيندو ۽ اسان جي ذهن ۾ طرح طرح جا وسوسا وجھندو ”اسان ان جي گھر ڇو وڃون، جيڪو اسان جي گھر ۾ قدم رکڻ نٿو چاهي“ يا جيڪو اسان جي دعوت رد ڪري اسان ان جي دعوت ڇو قبول ڪيون“ جيڪو اسان جي ڪنهن تقريب ۾ اچڻ نه چاهي اسان ان وٽ ڇو وڃون“ ”اسان هر ڀيري اڳتي ڇو وڌون؟ آخر ڪيترو جهڪون؟ وغيره وغيره اهڙي طرح جا ڪيئي وسوسا ذهن ۾ ايندا پر ياد رکو! اهو ئي امتحان جو وقت آهي جو اسان پنهنجي نفس جي ڳالھ مڃي پنهنجي آخرت برباد ڪيون ٿا يا پنهنجي نفس تي جبر ڪندي اللہ عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي پياري رسول    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي احڪامن تي عمل ڪري پنهنجي آخرت جي بهتري جو سامان ڪيون ٿا، ان ڪري همت ڪيو! شيطان جي مخالفت ڪيو ۽ صلهءِ رحمي جو ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي ناراض مائٽن کي راضي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

حضرت سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هڪ ڀيري سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جون حديثون بيان ڪري رهيا هئا انهيءَ دوران فرمايائون؛ هر قاطعِ رحم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) اسان جي محفل مان هليو وڃي، هڪ نوجوان اُٿي ڪري پنهنجي پڦيءَ وٽ ويو جنهن سان ان جو ڪيئي سالن جو پراڻو جڳهڙو هو، جڏهن ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي ويا ته ان نوجوان کي پڦيءَ چيو؛ تون وڃي ان جو سبب پڇا ڪر ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ (يعني سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي اعلان جي حڪمت ڇا هئي؟) نوجوان حاضر ٿي جڏهن پڇا ڪئي ته حضرت سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمايائون ته مون حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کان هي ٻڌو