Book Name:Silah Rehmi
حق ڪهڙا آهن، اچو اسان به ٻڌون ٿا، الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي عمل جي توفيق عطا ڪري، اٰمین
وڏن ڀيڻ ڀائرن تي ننڍن جا حق ۽ آداب
وڏي ڀاءُ ۽ وڏي ڀيڻ تي ننڍي ڀيڻ ۽ ڀائر جي حقن مان آهي ته
- والدين جي وفات تي ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن جي پرورش ڪرڻ ۽ انهن جي سٺي تربيت ڪرڻ.
- انهن جي زندگي جي ضرورت وارين شين کي پورو ڪرڻ ۽ هر مشڪل گھڙي ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ ۽ جيترو ٿي سگھي انهن جي مدد ڪرڻ ۽ دلداري ڏيڻ.
- والدين جي حياتي ۾ به انهن سان شفقت ۽ محبت سان پيش اچڻ.
- غيبت، چغلي، بدگماني ۽ حسد ته عام مسلمانن سان حرام آهي ته انهن سان ويتر وڌيڪ ناجائز آهي۔
- بَشري تقاضن سبب انهن سان ٿيندڙ غلطين کي معاف ڪرڻ ۽ هميشه جي لاءِ انهن سان نرمي وارو برتاؤ ڪرڻ.
ننڍن ڀيڻ ڀائرن تي وڏن جا حق ۽ آداب
اهڙي طرح ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن تي به وڏن ڀائرن ۽ ڀينرن، جا حق ۽ آداب هي آهن ته
- انهن جي عزت ۽ احترام ڪندي انهن کي عزت جوڳو مرتبو ڏيڻ ـ
- والدين جي غيرموجودگيءَ ۾ انهن کي والدين جو مرتبو ڏيڻ، انهن کي پنهنجو سرپرست ۽ رهنما سمجھڻ ـ
- وس آهر انهن جي جائز حڪمن تي عمل جي ڪوشش ڪرڻ ـ
- پاڻ کان ٿيندڙ غلطين تي پاڻ اڳتي وڌي معافي گھرڻ ـ