Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

جي پابندي سبب نه ڪري، صرف رب جي رضا جي لاءِ ڪري تڏهن ئي ثواب جو حقدار آهي.

هڪ ٻِئي هنڌ اللہ عَزَّ وَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اتَّقُوا اللّٰہَ الَّذِیۡ تَسَآءَلُوۡنَ بِہٖ وَ الۡاَرۡحَامَ ؕ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيبًا  

(پارہ:۴، النساء:۱)

ترجموڪنزالايمان: ۽ الله کان ڊڄو جنهن جي نالي سوال ڪندا آهيو ۽ رشتن جو لحاظ رکو۔ بيشڪ الله توهان کي هر وقت ڏِسِي رهيو آهي.

مُفسّرِ شهير، حڪيمُ الاُمَّت مُفْتي احمد يار خان رَحْمَۃُ اللہِ َعَالٰی عَلَیْہ هن آيتِ سڳوري جي تحت فرمائن ٿا؛ مسلمانن تي جيئن نماز، روزو حج زڪوٰة وغيره ضروري آهي، اهڙي طرح عزيزن جا حق ادا ڪرڻ به نهايت ضروري آهن، وڌيڪ ارشاد فرمائن ٿا: پنهنجن عزيزن، قريبن سان سٺو ورتاء نهايت فائديمند آهي، دنيا ۾ به آخرت ۾ به ان سان زندگي، موت آخرت سڀ ٺهي ويندي آهي.  (تفسیرِ نعیمی ، ج۴، ص۴۵۶)

           مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اللہ عَزَّ وَجَلَّ اسان کي پنهنجي مائٽن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،ان کي ائين سمجھو ته حڪومتِ وقت جيڪڏهن ڪنهن ڪم کان منع ڪري ۽ ان جرم جي مُرتڪِب (يعني ان جرم کي ڪرڻ واري) کي سزا جو اعلان ڪري ته ڪو سمجھدار ماڻهو ڄاڻي واڻي هن ڪم کي نه ڪندو ۽ ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو، سوچيو ته اسان دنياوي حاڪم جي منع ڪرڻ تي هڪ جرم کان گھبرايون پر رَبُّ الْعَالَمِين جيڪو اَحْڪمُ الْحاڪمين آهي اسان جي نفعي ۽ نقصان جو مالڪ آهي، اسان جي زندگي ۽ موت جو مالڪ آهي، هڙي قدرت ۽ طاقت رکڻ واري ذات جي حڪمن جي برخلاف اسان ڪم ڪيون ته اها ناداني آهي، صلهءِ رحمي جي ايتري ته اهميت آهي جيڪڏهن رشيدارن سان سهڻو ورتاء نه