Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

مؤمن جي نشاني آهي، اسان کي به پنهنجو قيمتي وقت فضول برباد ڪرڻ بدران وڌ کان وڌ مسجد ۾ گذارڻ گھرجي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه  عَزَّوَجَلَّ   تبليغِ قرآن وسُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي اسان کي اهڙا ڪيئي موقعا عطا ڪري ٿي جنهن ذريعي اسان پنهنجو گھڻو وقت مسجد ۾ گذاري سگھون ٿا ۽ وڌيڪ اهو جو علم دين جو وڏو خزانو به حاصل ڪري سگھون ٿا، مثال طور

(1) سڄي رَمَضانُ الْمُبارَڪ يا آخري عشري ۾ تربيتي اجتماعي اعتڪاف جي ترڪيب ٿيندي آهي، جنهن ۾ هزارين اسلامي ڀائرن کي فرض عُلُوم سکاريا ويندا آهن ۽ سنتن جي مطابق مدني تربيت ڪئي ويندي آهي.

(2) مدني قافلي جا مُسافر اسلامي ڀائر به مسجدن ۾ قيام ڪندا آهن ائين پنهنجو اڪثر وقت مسجد ۾ گذارڻ علم دين حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي .

(3) بعدِ فجر مدني حلقي جي ترڪيب ٿيندي آهي جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي آيتون، ترجمہءِ ڪنزالايمان و تفسيرخزائن العرفان / تفسير نور العرفان يا تفسير صراط الجنان سان گڏ ٻڌايون وينديون آهن.

 (4)     مختلف نمازن کان پوءِ مدني درس يعني اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪتابن ۽ رسالن جي ذريعي مدني گل ڏنا ويندا آهن.

 (5)     دعوتِ اسلامي جي ڪن مدني مرڪزن (فيضانِ مدينه) ۾”مدني تربيت گاهون“ موجود آهن، بنيادي ضرورياتِ دين، نماز جو عملي طريقو، مختلف موضوعن تي سنتون ۽ آداب سکڻ سيکارڻ جو عمل جاري