Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: نيڪ ماڻهو فڪر آخرت جي ڪري مسجدن ۾ ئي رهندا هئا ته جيئن جيترو وڌيڪ ٿي سگھي ان مختصر ترين زندگي جي مهلت مان فائدو کڻي آخرت جي ابدي (يعني هميشه واريون) نعمتون گڏ ڪيون، عبادت ڪرڻ وارن جي گھڻائي سبب مسجد جي ٻاهريان ڇوڪرا وغيره کائڻ پيئڻ جون شيون وڪڻندا هئا، ائين کائڻ پيئڻ واريون شيون به عبادت گذارن کي آساني سان ملي وينديون هيون۔ (کیمیائے سعادت ج ۱ ص ۳۳۹) 

       سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! اهو ڪيترو نه پاڪيزه دؤر هو جو مسجدن ۾ ڏينهن رات رونق هوندي هئي ۽ هاء! اڄ مسجدن جي ويراني ڏسي دل ٿي ڏکي . اي موت جو يقين رکڻ وارا اسلامي ڀائرو! جنهن کي ٿي سگھي اهو ڪسب حلال ۽ والدين ۽ اولاد وغيره جي سار سنڀار ۽ ٻيا حُقُوقُ العِباد ادا ڪرڻ کان پوءِ جيڪو وقت فارغ ملي ان کي ضرور ذڪر ۽ درود ، فڪر آخرت ۽ چڱي صُحبت ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪري۔

ہوجائیں مَولا مسجدیں آباد سب کی سب

سب کو نمازی دے بنا یا رَبِّ مُصطفٰے

(وسائل بخشش،ص۱۳۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

      حضرتِ سَيِّدُنا ابُو سَعِيد خُدْرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شَهنشاه نُبوَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ،''جڏهن توهان مسجد ۾ڪثرت سان اچ وڃ ڪرڻ واري کي ڏسو ته ان جي ايمان جي گواهي ڏيو ڇوته الله عَزَّ وَجَلَّ فرمائي ٿو؛