Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! مسجد سان محبت ڪرڻ ۽ ان جي صاف سٿرائي ۾ حصو وٺڻ ڪيڏو نه پيارو عمل آهي ان جي برڪت سان ان عورت جي جنازي نماز اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پڙهائي، هن واقعي کي ٻڌڻ کان پوءِ ٽن ڳالهين جي وضاحت به ٻڌي وٺو۔

1.          شريعت کي پردي جي حرمت جو بيحد لحاظ آهي، سرڪار مدينه
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري حياتي ۾ عورتون مسجد ۾ باجماعت نماز ادا ڪنديون هيون پوءِ زماني جي بدلجڻ جي ڪري عورتن کي مسجد ۾ حاضر ٿيڻ کان منع فرمايو ويو، فتاويٰ رضويه ۾ آهي؛ امير المؤمنين فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عورتن کي مسجد ۾ اچڻ کان منع ڪيو، اهي امُ المؤمنين حضرت سَيِّدَتُنَا عَائِشه صِديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا  وٽ شڪايت کڻي ويون ته (فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي تائيد ۾)  جواب فرمايو؛ جيڪڏهن حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زماني ۾ به اها حالت (يعني خرابي واري) هجي ها ته حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) به عورتن کي مسجد ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏين هئا۔ (فتاوٰی رضویہ مخرجہ ج٩ص ٥٤٩)

هن مبارڪ واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته الله عَزَّ وَجَلَّ  اسان جي پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهو اختيار ڏنو آهي ته اوهان جڏهن ۽ جنهن مڙدي سان چاهين ڳالھ ڪري سگھن ٿا، ۽ اهو به معلوم ٿيو ته مُڙدا پڻ مخلوق جي ڳالھ ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت رکندا آهن، مُفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا؛ زندگي ۾ ماڻهن جي ٻڌڻ جي طاقت مختلف هوندي آهي، ڪي ويجھو کان ٻڌندا آهن جيئن عام ماڻهو ۽ ڪي پري کان به ٻڌندا آهن جيئن پيغمبر ۽ ولي . ۽ مرڻ کان پوءِ اها طاقت وڌندي آهي گھٽبي ناهي، ان ڪري