Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

1.          عام مڙدن کي انهن جي قبرستان ۾ وڃي سڏي سگھجي ٿو پري کان نه ، پر انبياء ۽ اَولياء عَلَیْہِمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام کي پري کان به پڪاري سگھجي ٿو ڇوته اهي جڏهن زندگي ۾ پري کان ٻڌندا هئا ته وفات کان پوءِ به ٻڌندا.

(علم القرآن ،ص۲۰۸)

2.           مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ولي اَقۡرَب يعني ميّت جو سڀ کان ويجھو رشتيدار، جيڪڏهن جنازي نماز نه پڙهي سگھي ته ان کي قبر تي جنازو پڙهڻ جو اختيار آهي، جيئن بهارِ شريعت جلد اول صفحي 838 تي آهي؛ ولي کان علاوه ڪنهن اهڙي جنازي نماز پڙهائي جيڪو ولي تي مُقدم (افضل) نه هجي ۽ ولي ان کي اجازت به نه ڏني هجي، ته جيڪڏهن ولي نماز ۾ شريڪ نه ٿيو ته نماز کي پڙهي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن مڙدي کي دفن ڪيو ويو ته قبر تي به نماز جنازه پڙهي سگھي ٿو ۽ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مبارڪ زماني ۾ تمام مسلمانن جا ولي اقرب هئا: اعليٰ حضرت، اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  ارشادفرمائن ٿا ؛ حُضُور سيّدِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زماني ۾ تمام مسلمانن جا ولي اَحَق واَقدَم (سڀ کان وڏا مالڪ) پاڻ حُضُور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن۔ (پاڻ) رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   اِرشاد فرمائن ٿا: اَنَااَولٰی بِالْمُؤمِنِیْنَ مِنْ اَنْفُسِھِم يعني مان مسلمانن جي جانن جو وڌيڪ مالڪ آهيان. (مسلم،کتاب الفرائض ،باب ترک مالًافلو رثتہ،۸۷۴/۱۶۱۹)  ته جيڪو نمازِ جنازہ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اِطلاع ڏيڻ جي بنا ماڻهن پڙهيو، پوءِ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي ٻيهر پڙهائڻ چاهين ته ائين ئي آهي جيئن پهرين جنازي نماز، ولي کان علاوه ڪنهن غير پڙهائي، وليِ اَحَق ٻيهر اعاده ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.

(فتاویٰ رضویہ، ۹/۲۹۱،ملخصاً)