Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

انهن جو ڪنهن تي ڪجھ نڪري ته ان جي وُصُولي جي لاءِ سختي نه ڪن۔([1])

ياد رکو! واپار هجي يا ٻيا مُعاملا، ڪنهن کي ڌوڪو ڏيڻ يا ڪوڙ ڳالهائڻ نهايت سخت جرم ۽ تمام وڏي خيانت آهي، جيئن

حضرتِ سَيدُنا سُفيان بن اَسِيد حَضرَمي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته مون مڪي مدني مصطفيٰ،مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي فرمائيندي ٻڌو ته وڏي خيانت جي ڳالھ اها آهي تون پنهنجي ڀاء سان ڪا ڳالھ ڪرين ۽ اهو تو کي ان ڳالھ ۾ سچو سمجھي رهيو هجي، حالانڪ تون ان سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هجين ۔([2])

اهڙي طرح پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا ''خريدوفروخت ڪرڻ وارا جيستائين سودو مڪمل نه ڪن انهن کي اختيار حاصل آهي،جيڪڏهن اهو سودو ڪندي سچ ڳالهائن ۽ سچ بيان ڪن ته انهن جي سودي ۾ برڪت وجھي ويندي اهي ۽ جيڪڏهن اهي لڪائن ۽ ڪوڙ ڳالهائن ته شايد اهي ڪجھ نفعو ڪمائي وٺن، پر پنهنجي سودي جي برڪت ختم ڪري ڇڏيندا آهن، ڇوته ڪوڙو قسم مال ته وڪڻائي ڇڏيندو آهي پر برڪت ختم ڪري ڇڏيندو آهي۔'' (التر غيب والترھيب ، کتاب البيوع ،باب تر غيب التجارفي الصرف ،رقم ۴ ، ج۲،ص۳۶۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن مُطلقاً ڪوڙ ڳالهائڻ به گناھ آهي، ته پوءِ مسلمان ڀاء سان خريد و فروخت جو مُعامَلو ڪندي ڪوڙ ڳالهائي ان کي ڌوڪو ڏيڻ ڪيترو نه شديد هوندو۔ صَد افسوس جو اڄڪلھ ڪثرت سان

 

 



[1]شعب الایمان ، باب حفظ اللسان،۴/۲۲۱،حدیث: ۴۸۵۴

[2]ابوداؤد،کتاب الادب، باب فی المعاریض،۴/۳۸۱ حدیث:۴۹۷۱