Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڪمال ۽ تَرقّي جي نشاني جڏهن ته سچ کي بي وقُوفي ۽ تَرقّي جي راه ۾ رُڪاوٽ تَصوُّر ڪيو ويندو آهي۔ ايستائين جو ڪيئي ماڻهو پنهنجو مال وڪڻڻ جي لاءِ ڪوڙا قسم کڻڻ کان به پاسو نه ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن کي پنهنجي ذِهن ۾ اها ڳالھ چڱي طرح ويهارڻ گھرجي ته الله  عَزَّ وَجَلَّ جيڪو رِزق نصيب ۾ لکيو آهي اهو ملي ئي ويندو، نه ته سچ ڳالهائڻ سان اوهان جي حصي جي رِزق ۾ ڪا گھٽتائي ايندي، نه ئي ڪوڙ ڳالهائڻ سان اوهان پنهنجي حصّي ۾ وڌيڪ رِزق حاصل ڪري سگھو ٿا، البت ڪوڙ ڳالهائڻ نهايت وڏي بي برڪتي ۽ مَعاشي تباهي جو سبب ثابت ٿي سگھي ٿو۔

ڪوڙو ماڻهو چاهي ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻي پر آخرڪار ڪوڙ جو وبال ان تي ٿيندو، بالفرض دُنيا ۾ نه سهي پر آخرت جو خَسارو ته ضرور آهي ۽ يقيناً آخرت جي خساري کان وڌيڪ انسان جي لاءِ ڪا مُصيبت ناهي۔ ڪاش! اسان پنهنجي مسلمان ڀائرن سان خَير خواهي ۽ ڀلائي وارو مُعامَلو ڪيون ۽ رِزق جي باري ۾الله عَزَّ وَجَلَّ  جي ذات تي ڀروسو رکڻ کي پنهنجي عادت بڻايون۔ هاءِ! اڄڪلھ واپاري مُعاملن ۾ جڳھ جڳھ ڪوڙ ۽ ڌوڪو ايترو ته عام ٿي چڪو آهي جو ماڻهن رازقِ حقيقي عَزَّ وَجَلَّ  تي تَوَڪُّل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي۔ حالانڪ هڪ ڪامياب واپاري کي انهيء پاڪ ذات تي تَوَڪُّل جو ذِهن بنائڻ گھرجي، جنهن زمين تي هلڻ واري هر جاندار جو رِزق پنهنجي ذِمّهءِ ڪَرَم تي کنيو آهي۔

میں جھوٹ نہ بولوں کبھی گالی نہ نکالوں      اللہ مرض سے تُو گناہوں کے شِفا دے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد