Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا ڪي وڌيڪ فضائل ٻڌون ٿا:
v سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشادفرمايو: هر نبي جو ڪو نه ڪو حواري (مخلص دوست) هوندو آهي۽ زُبير منهنجو حواري ۽ منهنجي پڦي جو پٽ آهي. (تاريخ مدينهدمشق،ذکر من اسمه الزبيربن العوام ،ج ۱۸،ص۳۷۰)
v سرڪارِ نامدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشادفرمايو: اي زُبير! اهي جبريل آهن ۽ توهان کي سلام چون ٿا ۽ چون ٿا ته مان قيامت جي ڏينهن توهان سان گڏ رهندس ايستائين جو جهنَّم جي چنگارين کي توهان جي ويجھو اچڻ نه ڏيندس۔ (تاريخ مدينه دمشق،ذکر من اسمه الزبيربن العوام ،ج ۱۸،ص۳۹۴،مفهوماً)
v الله عَزَّوَجَلَّ جا پيارا حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو:”طلحه ۽ زُبير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جنّت ۾ منهنجا پاڙيسري هوندا۔“ (تاريخ مدينه دمشق،ذکر من اسمه الزبيربن العوام ،ج ۱۸،ص۳۹۱)
v حضرت عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: حضرت زُبير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اسلام جي ٿنڀن مان هڪ ٿنڀ آهن۔ (الرياض النضرۃ، الباب السادس الفصل الثامن في ذکر شھادۃعمر، ج۲، ص۲۸۲)
v اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا ارشاد فرمائن ٿيون ته حضرتِ زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن ماڻهن مان آهن جن جي باري ۾ قرآن شريف ۾ آهي: هي اهي ماڻهو آهن جن زخمي هئڻ باوجود الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حڪم تي لبيڪ چيو۔ (تاريخ مدينه دمشق،ذکر من اسمه الزبيربن العوام ،ج ۱۸،ص۳۵۸)