Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

قيمت ۾ وٺي ۽ غريبن کي سستي دام ۾ وڪڻي، ڪامياب واپاري  اهو آهي جيڪو قرض خواه جي تقاضي کان پهريان ان جو قرض اَدا ڪري ڇڏي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو قرضو سڏائي نه بلڪ وڃي ڪري موٽائي ڏئي، ڪامياب واپاري  اهو آهي جنهن کي دنيا جي بازار آخرت جي بازار (يعني مسجدن) کان نه روڪي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو مال جو ٻانهو نه هجي بلڪ رَبِّ ذُوالجلال عَزَّوَجَلَّ جو فرمانبردار ٻانهو ۽ محبوبِ رَبِّ ذُوالجلال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو سچو غلام هجي۔

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي پنهنجي رِضا واري زندگي ۽ پنهنجي رِضا وارو موت عطا فرماءِ، اسان کان هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃي، اسان دُنيا و آخرت ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں   نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵